اڏيرو لال (ن پ ا)  تعلقي مٽياري جي شهر اڏيرو لال, پليجاڻي, شاه پور, اڏيرو لال اسٽيشن, الله ڏنو ساند  ۽ آسپاس واري علائقي ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل پچي تيار ٿي ويو آهي، لاباري لاءِ جديد مشينري اچڻ سان پورھيت طبقي ۾ بيروزگاري ۾ واڌ ٿي وئي. اڪثر آبادگار ٽريڪٽر ويپر ۽ ھيوي ويٽ مشينري سان لابارو ڪرائڻ لڳا آھن جنھن سان پورھيت طبقي ۾ بيروزگاري سان گڏ مايوسي ڇانئجي وئي آھي ڪڻڪ لابارن جي مند ۾ ڪيترا خاندان عورتن سميت ڪڻڪ جو لابارو ڪري روزگار سان جڙيل ھوندا ھئا پر زرعي مشينري اچڻ سان ڪيترن ڏينھن جو ڪم ڪلاڪن ۾ ٿيڻ لڳو آھي. جڏھن ته پورھيتن لاھيارن جا خاندان ڪڻڪ جي مزدوري نه ٿيڻ ڪري ٻين علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻجي دربدر ٿيڻ لڳا آھن ٻئي طرف  آبادگارن جلد ڪم ٿيڻ تي مشينري کي ترجيح ڏيڻ لڳا آھن جڏھن ڪڻڪ جو بمپر فصل ۾ لابارن باوبود سرڪار طرفان ڪڻڪ خريداري لاءّ ڪو به سرڪاري سينٽر کلي نه سگھيو آھي  ھوڏانھن آبادگارن جو چوڻ آھي ته جديد دور آھي زرعي آلا ۽ مشينون نڪري پيون آھن ان ڪري ھر ڪم مشينري سان ڪيو وڃي ٿو , پراڻي وقت ۾ ڪڻڪ تيار ٿيندي ھئي ته لاھيارن کي لاباري لاءّ گھرايو ويندو ھو جنھن ۾ عورتون ۽ مرد شامل ھوندا ھئا جيڪي ڏاٽن وسيلي لابارو ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا ھئا اھڙي طرح ڪڻڪ جي ديرن کان بٽئي تائين مزدور ڪم ڪندا ھئا ۽ وڌيڪ مزدوري ڪمائي ويندا ھئا پر ان سان آبادگارن کي فصل گڏ ڪرڻ ۾ ڪافي دير ٿي ويندي ھئي ھاڻي ته مھينن جو ڪم به ڏينھن ۾ ٿيو وڃي.