مٽياري/ اڏيرو لال (نمائندن وٽان) اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سليمان فقير باريجو ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي. گوليون لڳڻ سبب 26 ورهين جو ارباب علي پٽ الهه بچايو باريجو ۽ سندس ڀيڻ 22 ورهين جي مسمات حرمت ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا. مقتولن جي امڙ مسمات ڦاتل ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ڪنهن سان به ڪا سڱاوتي نه ڪئي هئي، الهه جڙيو عرف جاڙو باريجو منهنجو سوٽ آهي، خبر نه آهي ته هن ڇو دشمني ڪئي آهي؟ هن وڌيڪ ٻڌايو ته پهرين منهنجي پٽ تي گولي هلائي وئي ته منهنجي نياڻي حرمت سجاڳ رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ آئي ته منهنجي نياڻيءَ کي به قتل ڪيو ويو. جڏهن ته قتل ٿي ويلن جي مامي ٻڌايو ته مقتول ارباب مونکي دانهن ڏني هئي ته جاڙو مونکي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏي پيو. مقتولن جي ڀاءُ گل شير ٻڌايو ته جاڙو باريجو اسان کي ڌمڪيون ڏيندو هو ته اوهان کي قتل ڪندس، هن اهو به ٻڌايو ته اسان جي ڪابه سڱاوتي ٿيل نه هئي، سڀ گهر ڀاتي ستل هئاسين ته جوابدار گهر جي پوئين پاسي کان داخل ٿي نياڻي حرمت کي ڇاتي ۽ ارباب علي باريجو کي لوندڙيءَ ۾ رپيٽر جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. جنهن بعد اڏيرولال اسٽيشن کي اطلاع ڪيو ويو جنهن پهچي لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي ايس ايس پي مٽياري آصف علي ٻگهيو واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا، ۽ پوليس عملدارن کي فوري طور تي ڪارروائي ڪري جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڪيون. مٽياري قتل جي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو آهي ۽ قتل جو اطلاع ملڻ بعد جبل وارن علائقن سميت ڪيترن ئي هنڌن تان باريجا برادري جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ واقعي واري هنڌ پهچي ويا هئا. مٽياري ڀرسان ڳوٺ سليمان فقير ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو قتل ڪيس اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي تي ٽن جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، گل شير باريجو جي فريادي تي شير، ڪولو ۽ جاڙو مٿان گناهه نمبر 23 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٽنهي جوابدارن جا ڳوٺ خالي ٿي ويا آهن، عيوضي ۾ پنج ماڻهو حراست ۾ ورتا ويا آهن.