اوڏيرولال(ن پ ا) روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ سلطانپور شاخ کي 150 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. گهاري واري هنڌ موجود آبادگارن ۽ هارين علي احمد کوسو، غلام رسول کوسو، غلام نبي کوسو، غلام شبير کوسو، در محمد کوسو ۽ ٻين ايريگيشن عملدارن ۽ بااثر وڏيري واحد بخش کوسي جي ڀائٽين صديق کوسو، صادق کوسو، پيرڏنو کوسو ۽ توڪل علي کوسو خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته شاخ کي رات جو ٻه وڳي گهارو لڳو آهي، جنهن جو اطلاع اسان بروقت ايريگيشن عملدارن سرويئر حبيب الله وگهيو ۽ ٽنڊيل محمد بخش بڙدي کي ڏنو، پر صبح تائين عملدار گهاري واري هنڌ پهتا ۽ نه ئي گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءُ ورتا ويا آهن، جنهن ڪري ڪيلي، مڪئي، ڪڻڪ سميت ٻيا ڪيترائي فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. آبادگارن جو چوڻ آهي ته ايريگيشن عملدار اسان جي مخالفن سان گڏجي هٿ وٺي اسان جي فصلن کي ٻوڙايو ويو آهي. هنن چيو ته اسان جا مخالف ايريگيشن عملدارن سان گڏ آهن، جن اسان جي پوکيل فصلن کي ٻوڙايو آهي. آبادگار علي احمد کوسو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته کوسا برادري جي بااثر وڏيري واحد بخش کوسي جي ڀائٽين صديق کوسو، صادق کوسو، پيرڏنو کوسو ۽ توڪل علي کوسو وارن ڏاڍ مڙسي ڪري پنهنجو پاڻي جو وارو وهي واٽر بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري شاخ اوور ٽاپ ٿيڻ سبب ٽٽي پئي جنهن ڪري اسان جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل کوسا برادري جي ماڻهن مرتضيٰ کوسو، عبدالڪريم کوسو، گلاب کوسو، محمد الياس کوسو، غلام شبير کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته سلطانپور شاخ کي گهارو پاڻي چوري ڪرڻ جو نتيجو آهي، اسان تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، ايريگيشن ۽ پوليس جاچ ڪري ته سڀ ڪجهه ظاهر ٿي پوندو، علي احمد کوسو ۽ سندس عزيز پنهنجن زمينن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ رات جي وقت سلطانپور شاخ مان ونجهي هڻي پاڻي چوري ڪري ان جو الزام اسان تي هنيو آهي.