اڏيرولال(ن پ ا ) ڏيرولال لڳ ڳوٺ ملوڪ هنڱورو سميت 15 کان مٿي ڳوٺ جي رهواسين پاران يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان آئل ۽ گيس فيلڊ خلاف عبدالله مري، جلال پٺاڻ ۽ ڪامريڊ هاشم واڍيلو، احمد هنڱورو، جاني جت، حيدر بلوچ، صديق هنڱورو، نواز  واڍيلو، رجب خاصخيلي، مجيد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملوڪ روڊ تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪندي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي يو اي اِي ڪمپني طرفان اسان کي ڪي به بنيادي سهولتون نه ڏنيون ويون آهن. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جر جو پاڻي پڻ خراب ٿي ويو آهي، جنهن سبب جانور ۽ ماڻهو پاڻي لاءِ ترسي رهيا آهن، آر او پلانٽ نه هجڻ سبب عوام مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويو آهي. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن تحت تيل ۽ گيس ڪمپنين کي 25 سيڪڙو رائلٽي اتان جي علائقن تي خرچ ڪرڻي هوندي آهي، پر ڄاڻايل تيل ۽ گيس فيلڊ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن کي هوا ۾ اڏاري ڇڏيو آهي. يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان مان روزانو ڪروڙين رپين جي تيل ۽ گيس نڪري ٿو، تنهن باوجود به هتان جا ڪيترائي ڳوٺ بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺن.