اڏيرولال اسٽيشن (ن پ ا)  اڏيري لال ۾ نينگر سان مبينا زيادتي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جي رڙين تي جوابدار  فرار ٿي ويو. ان ڏس ۾ ڳوٺ الھه بخش ميرجت جي رهواسي 12 ورهين جي شهاب الدين ساهووال ۽ سندس ماءُ دانهيندي الزام هنيو ته بااثر وڏيري جي پگهاردار صمد شيدي معصوم پٽ جا هٿ پير ٻڌي کيس زبردستي بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي نينگر ۽ سندس ماسات واجد ساهووال  دانهون ڪندي ڳوٺ مان ٻين عزيزن کي اطلاع ڏنو، جن ٻارن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته صمد شيدي چاقو ڏيکاري وڙھندي فرار ٿي ويو. واقعي بعد نينگر والده روبينا ساهووال زال مصري اڏيرو لال اسٽيشن ٿاڻي تي اين سي پڻ ڪرائي آهي. هن چيو ته پٽ شھاب پنهنجي ماسات 7 ورهين جي واجد سان گڏ ڪاٺيون ڪرڻ ويو ته صمند شيدي زيادتي جي ڪوشش ڪئي ڳوٺ جي ٻين چڱن کي دانهن ڏني آهي. ايس ايس پي مٽياري کي اپيل ٿا ڪيو اسان کي انصاف ڏياريو وڃي. ٻي طرف ايس ايڇ او اوڏيرو لال اسٽيشن شاھزمان چانڊيو  موقف ڏيندي چيو ته اسان جوابدارجي ڱرفتاري لاءڇاپا هڻو پيا  جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا.