اڏيرولال  اسٽيشن/ اڏيرو لال وليج(نمائندا) اڏيرولال اسٽيشن ۾ مسجد اندر نينگر سان بدفعلي واري معاملي خلاف  جميعت علماءِ اسلام يونٽ اڏيرولال اسٽيشن جي امير مولانا علي شير ڇٽو، مولانا عبدالقيوم جوڳي، مولانا مسعود گهانگهلو، عدنان بهلم جي اڳواڻي ۾ جسڪاڻي چوڪ کان ريلي ڪڍي الهه بخش چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاجي ڌرڻي کي جمعيت جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڏيرولال ۾ مسجد اندر بدفعلي واري معاملي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. هنن چيو ته مسجد اندر بدفعلي واري معاملي تي اسان کي تمام گهڻو صدمو پهچايو آهي. هنن چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان جوابدار جي گرفتاري لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطي ۾ هئاسين، جنهن کان پوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته مسجد اندر بدفعلي ڪندڙ کي مولوي سڏيو ٿو وڃي ٿو پر ان جو پري پري تائين جماعت سان ڪوبه تعلق نه آهي ۽ نه هو مولوي آهي، پر ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي جمعيت سان ان ماڻهو کي سلهاڙي رهيا آهن، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏئي عبرت نشان بڻايو وڃي