اڏيرولال (ن پ ا)  اڏيرولال  لڳ ڳوٺ پير عامر غوث جي رھواسي بابو ۽ مومل اوڏ جي ھڪ مھيني جي معصوم نياڻي ڪاجل مڇرن جي کائڻ سان وفات ڪري وئي آھي. تازي طوفاني برساتن سبب سندن گھر ڊھڻ سبب روڊ جي پاسي ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلھي سان خيمو ٺاھي رھندڙ بابو ۽ مومل اوڏ جي ھڪ مھيني جي ڌي ڪاجل مڇرن جي کائڻ سبب وفات ڪري وئي  روڊ ڪناري رھندڙ ھن جوڙي تي قيامت برپا ٿي وئي آهي ڪاجل جي امڙ زاروقطار روئڻ ۾ مصروف آهي  ڪاجل جي والد بابو اوڏ جو چوڻ آهي گھر برساتن جي نظر ٿي ويو آهي جنهن کانپوء روڊ جي ڪپ تي ويٺا آھيون مٽياري انتظاميا نه راشن ڏنو آهي ۽ نه ئي مڇر داني ڏني آهي ـ مڇرن سبب سندس ڌي فوت ٿي وئي آھي.