اڏيرولال(نمائندن وٽان) اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ سونو هڱورو ۾ ريل جي پٽڙي ڪراس ڪندي ڪراچي کان لاهور ويندڙ تيزگام ايڪسپريس جي زد ۾ اچي لڳ ڀڳ 30 رڍون چيپاٽجي مري ويون آهن. ان موقعي تي رڍن جي مالڪ محمد بخش کوسو ٻڌايو  ته برسات ۽ مڇرن جي آزار سبب ريل جي پٽري ڀرسان رڍن لاءِ واڙو ٺاهيو اهو جتان اهو گاھ چرڻ لاءِ ريل پٽڙي ڪراس ڪري رهيون هيون ته ريل جي ٽڪر سبب سڀ رڍون چيپاٽجي مري ويون آهن ان وڌيڪ چيو ته آئون مسڪين آهيان گذرسفر لاءِ رڍن جو واپار ڪندو آهيان منهنجون سڀ رڍون ريل جي ٽڪر سبب مري ويون آهن وس وارا مالي سهائتا ڪن جئين پنهنجو گذر سفر ڪري سگهان.