اڏيرولال(ن پ ا) اڏيرولال وليج ٿاڻي جي  حد ۾ ٽنڊو آدم اڏيرولال روڊ ڪرس ڪرڻ دوران ڪار جي ٽڪر ۾ 12 سالن جي ميران ڌيءَ ڪرشن ڀيل زخمي ٿي پئي، جنهن کي فوري طور تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو پئي ويو ته نياڻي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي. وليج پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.