اڏيرولال (ن پ ا)  اڏيرولال لڳ ڳوٺ طاھر ھنڱورو جي هاءِ اسڪول ما برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي محمد ھاشم ھنڱورو، ڪرشن ڪمار، نديم ھنڱورو،  عبدالجبار ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل 2 مھينن کان تعليم متاثر ٿي رھي، اسڪول ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺو آهي، اسڪول جي بجلي پڻ بند آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.