اڏيرولال (ن پ ا) پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي پينل تان ٽائون ڪميٽي اڏيرولال اسٽيشن جي ٽنهي وارڊن تي آزاد اميدوار ۽ يوسي اڏيرولال اسٽيشن چيئرمين لاءِ نامزد ٿيل اميدوار عزت علي برهماڻي سان ساهووال برادري حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ نوجوانن عاطف ساهووال، غفار ساهووال ۽ ٻين جي گڏجاڻي دوران يوسي اوڏيرولال اسٽيشن ۽ ٽائون ڪميٽي تي بيهاريل  پينل جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي يوسي اڏيرولال اسٽيشن جي چيئرمين لاءِ نامزد اميدوار عزت علي برهماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن علائقي ۾ سدائين موروثي جي سياست رهي آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ بلدياتي چونڊن ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن کي اڳتي آندو آهي ته جيئن موروثي سياست جو خاتمو ٿي سگهي. ان موقعي تي ساهووال برادري جي نوجوانن پنهنجي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائيندي ته ٽائون جي ٽنهي وارڊن ۽ يوسي اڏيرولال اسٽيشن تي بيٺل مخدوم جميل الزمان جي پينل جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا ۽ انشاءَلله مخالفن جون ضمانتون رد ڪرائينداسين.