اڏيرولال(ن پ ا):اڏيرولال لڳ ڳوٺ طالب نوحپوٽا جو رھواسي پرائمري استاد سيد علي رضا شاھ ٽن ڏينھن کان گم ٿي ويو، لاپتا ٿيل استاد جي وارثن ۽ ڀاءَ سيد عباس رضا شاھ ميڊيا آڏو دانهيو آهي ته سندن ڀاءُ پھرين آڪٽومبر کان لاپتا آھي. ھنن ٻڌايو آهي ته سندن ڀاءُ پرائمري استاد آھي ڊيوٽي تي ويو اتان واپس گھر نه پھتو آھي. ھنن چيو ته اسانجي ڳوٺ اگھم وساڻ جي عمراڻي برادري سان زمين جو تڪرار ھلندڙ آھي ۽ اسان جي لاپتا ٿيل ڀاءُ ٻڌايو ھو ته سليم عمراڻي ۽ شير گھوٽاڻو مان خطرو آھي ۽ آئون ڊيوٽي تي وڃان ٿو ته ڄاڻايل ماڻهو منھنجو پيڇو ڪن ٿا ۽ ڌمڪيون ڏين ٿا ته زمين تان ھٿ کڻ، جنهن کانپوء اسانجو ڀاءُ گم ٿي ويو آھي. ھنن ٻڌايو ته اسان کي خدشو آھي ته اسان جي ڀاءَ علي رضا شاھ کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو آھي. هنن چيو اسان اهڙي قسم جي اين سي کيبراڻي ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ھنن اعليٰ اختيارين ايس ايس پي مٽياري، ڊي آءِ جي حيدرآباد،  آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته ڀاءَ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي ۽ جن سان زمين جو تڪرار آھي انهن  خلاف قانوني ڪارروائي ڪري  انهن کي جاچ جي دائري ۾ آڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.