اڏيرولال (ن پ ا) تعلقي مٽياري جي يونين ڪائونسل اڏيرولال وليج، اڏيرولال اسٽيشن، شير محمد ٺوڙها، عرضي ھڪڙا، محمد حسين هنڱورو، بائوخان پٺاڻ، ٽائون ڪاميٽي اوڏيرولال اسٽيشن جي ٻه سئو کان مٿي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. ڳوٺ طاهر هنڱورو، عرضي ھڪڙا ،بهريون ،کدريون ،ابوبڪر مورجا ،خليفو يار محمد شاھ، درياهه خان ڏاهري، اوٺو مري، رهاڻ مري عبدالرحيم هنڱورو، سونو ھنڱورو، دين محمد ھنڱورو، هاشم ساند وھاب شاھ، نوبت مري، ڍالو خاصخيلي ،چنيسر خاصخيلي ،شهداد مڱريو ،الھ بخش ميرجت ،اسماعيل بلوچ، شير محمد بلوچ، گامون ميرجت، موليڏنو ميرجت ،گولو ميرجت، نواب ميرجت، فارسي فارم، جمعا خان بلوچ ميران شاهه، غازي ساهووال، سچو ابڙا، محمد ابڙا، حاميد بالادي، هالا حويلي، فاضلاڻي موري، پنڃل ڳاهو، ڪريم داد گهانگهلو، محمد ابڙا سميت ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آهي.   ٻئي طرف اوڏيرولال وليج ۽ اوڏيرولال اسٽيشن سميت ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن کي ملائيندڙ روڊ تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب روڊ پڻ عام ٽريفڪ لاءِ بند آهي، جنهن ڪري شهر توڙي ڳوٺن جي رهواسين کي منزل ڏانهن پھچڻ ۾ تمام گهڻيون مشڪلات پيش اچي رهيون آهن، جنهن ماڻهو تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن برسات کانپوءِ مڇر مار اسپري ن ٿيڻ ڪري مختلف بيمارين پڻ جنم ورتو آهي جنهن ۾ گيسٽرو، بخار، خارش، ڊائيريا پڻ جنم ورتو آهي ۽ ڪيترن علائقن ۾ مالوند ماڻهن چوپايو مال پڻ مري چڪو آهي.متاثرن سماجي اڳواڻ علي محمد ڏاهري، شعيب بلوچ ،ڪامريڊ بشير ڇٽو ۽ ٻين وزيراعظم، وزيراعلي سنڌ، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو ته کين هنگامي بنيادن تي رليف ڏئي سندس ڳوٺن مان پاڻي ڪڍرايو وڃي