اوڏيرولال (ن پ ا) اوڏيرولال ۾ لکين رپين جي لاڳت سان قائم ٿيل واٽر فلٽر پلانٽ ناڪاره بڻيل آهي، ٻي طرف رهواسين جو غلام مصطفيٰ شاھ، گل محمد ڪوريجو، طالب ڪوريجو، ظهور احمد خاصخيلي، ماجد ڪوريجو ۽ ٻين پاران پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن دانهيندي چيو ته گذريل ڪيتري عرصي کان واٽر فلٽرپلانٽ خراب پيل آهي پر شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب جر جو کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فلٽر پلانٽ هلايو وڃي.