اڏيرو لال اسٽيشن (ن پ ا) اڏيرو لال اسٽيشن ۾ باگڙي برادري جي عورتن ۽ مردن بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرو ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ ميانداد ساھووال جو رهواسي يعقوب ساهووال ۽ سندس ساٿي اسان جي نينگر کي بنا ڪنهن سبب جي مارڪٽ ڪري مرڻينگ ڪري ويا آهن. بااثر روز انب پٽي ڀڄي ويندا هئا اسان ڪافي ڀيرا منع ڪئي پر هڪ به نه ٻڌي. هنن جي نينگر کي انب پٽڻ کان روڪيو ته نينگر پنهنجي وڏن کي  وٺي اچي اسان جي نينگر کي ڌڪ هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي. هنن ايس ايس پي مٽياري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف يعقوب ساهووال سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي پٽ جنهن جي عمر 8 سال آهي جيڪو انبن جي باغ طرف ويو باغ تي ڪم ڪندڙ باگڙي برادري جي ماڻھن منهنجي معصوم پٽ سان ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.