اڏيرولال (ن پ ا) تعلقي مٽياري جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن ڪري اٽو في ڪلو 140 رپيا وڪرو ٿيڻ لڳو آهي. فلور ملز مالڪن پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان پورهيتن حميد درس، اسلم باريجو، ارباب درس، سالم ابڙو، مولابخش ڇٽو ۽ ٻين  چيو ته فوڊ ڪنٽرولر ۽ فلور ملز وارا ملي ڀڳت ڪري اٽو بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن، اٽو مهانگو ٿيڻ سبب ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشآن آهيون، نوٽيس وٺي اٽو سستو ڪيو وڃي.