اڏيرولال (ن پ ا) اڏيرولال ويجهو مين روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ سلطانپور شاخ کي گذريل رات ٻارهين وڳي گهارو لڳو هو پر اڃان تائين گهارو بند نه ٿي سگهيو آهي، ايريگيشن عملدارن شاخ کي گهاري واري هنڌ کان ڪجهه قدم اڳ تان ڳنڍو ڏئي بند ڪيو آهي،  پر گهارو بند ناهي ٿيو، ان حوالي سان  ايس ڊي او ايريگيشن سراج ميمڻ موجب ته ايريگيشن عملو گهارو بند ڪرڻ لاءِ ويو هو، پر اتي موجود کوسا برادري جي 50 کن ماڻهن کين گهارو بند نه ڪرڻ ڏنو.    ٻن ڌرين جو هڪ ٻئي تي شاخ کي ٽوڙڻ جا الزام آهن، جنهن ڪري  ليٽر حد جي پوليس کي لکيو ويو آهي. هوڏانهن مقامي زميندار علي احمد کوسو موجب ته اسان جي فصلن کي نقصان پهتو آهي، اسان شاخ  ٽوڙيندڙ 4 خلاف  اين سي داخل ڪرائي آهي.