اڏوهي کاڌل سماج ۾ نيب جو ڪردار

0
152
اڏوهي کاڌل سماج ۾ نيب جو ڪردار

   هن سماج کي/هن ملڪ کي رشوت، حرامخوري، بي ايماني، دوکو، دولاب، لالچ، لوڀ، ناانصافي، ناجائزي اڏوهي جيان کائي رهي آهي. هر اداري ۾ رشوت جي بازار گرم آهي. ڪو اهڙو کاتو ناهي جنهن ۾ ڪنهن مسڪين جو مفت ۾ ڪم ٿئي. تعليم، صحت عدليا، به هن معاملي ۾ پاڻ کي نه بچائي سگهيا آهن.  جيڪي ادارا رشوت جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪن پيا، افسوس اهي رشوت جي ڄار ۾ ڦاسي پيا آهن. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ توهان جي فائيل ايستائين اڳتي نه چرندي جيسين توهان ڏوڪڙن جا ڦيٿا نه لڳائيندا. هتي هر اداري ۾ درگاهه کلي پئي آ، توهان کي هر درگاهه جا متولي ملندا، جيڪي توهان کي خواهشن، ارادن کي عملي پاجامو پارائڻ ۾ توهان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ وسان ڪين گهٽائيندا. انهن متولين، مريدڙن جي سڀني پانڌيئڙن کي خبر هوندي آهي، پر توهان رڳو انهن تائين پهچو پوءِ ڏسو ته ڪيئن فقيرن جا معجزا ڪم ٿا ڪن. پٽيوالي کان وٺي بالا آفيسر تائين هر ڪنهن کي  پيٽ جي سور جي سُتي پيل هوندي آهي. جيڪا هر ماڻهوءَ جا دک درد دور ڪري ڦٽ ڦڙي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. رشوت اها ڦڪي آهي، جنهن سان نه حل ٿيندڙ مسئلي جو به سور منٽن ۾ ختم ٿيو وڃي.

تازو  NAB  نِيشنل اڪائونٽيبلٽي بيورو  راولپنڊي جو جعلي ڪيس اڪائونٽ ۾  ڪراچي جي اڳوڻي ميونسپل ڪمشنر ڪورنگي جي گهر ۾ ڇاپو هنيو. جنهن ۾ حيرت ۾ وجهندڙ خزانو نيب هٿ ڪيو. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان شريف انسان معصوم شهرين سان ڪيڏو ظلم ڪيو هوندو. هن جي گهر مان سون جا بسڪوٽ، سون جا بٽڻ، لکين ڊالر، درهم، ۽ ريال نيب پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڪيس پراپرٽي ڪيا. چيو وڃي ٿو ته هن جي گهر مان ايتري رقم نڪتي جو اتي موجود اهلڪار اهي رقم نه ڳڻي سگهيا، بلڪه اهو ڪم وري به ڳڻپ counting machine  جي حوالي ڪيو ويو. جنهن اهو ڪم بخوبي سرانجام ڏنو. ان کان علاوهه ڪروڙين روپين جون  T T  رسيدون  به هٿ ڪيون ويون. نيب وارن کي ڄڻ ته قارون جو خزانو هٿ اچي ويو هجي، جيڪي سرڪار جو پئسو نه پر هن ملڪ جي مظلوم عوام جو هو. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو هن  ميونسپل آفيسر اها رقم ٺيڪدارن کي ٺيڪن ڏيڻ جي عيوض ورتي. خريداري جا ڪوڙا ووچر ٺاهي ڳري رقم هڙپ ڪئي ويئي. ان ڳري رقم کي جعلي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرايو ويو. نه فقط ايترو پر تمام وڏي رقم پڻ ٻاهرين ملڪ منتقل ڪئي ويئي.  هي ته هڪڙو ڪمشنر واري ۾ آيو، جنهن کان ايتري رقم ملي . سڄي ملڪ جي ڪمشنر، سرڪاري ڪاموري، تپيدار، مختيارڪار، اي سي، ڊي سي، جي جاين جي به جيڪڏهن تلاشي ورتي ويندي ته خبر ناهي ته ڪيڏي رقم نڪرندي.

سپريم ڪورٽ نيب جي ڪارروائي ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ مان مڪمل طور تي مطمئن نظر نه ٿي اچي.جسٽس سيد منصور علي شاهه پنهنجي فيصلي ۾ اهو خورشيد شاهه ڪيس ۾ چوي ٿو ته هن جي خلاف ڪي به ٺوس ثبوت نيب هٿ نه ڪيا آهن. هن کي ٻن سالن کان جيل ۾ رکيو ويو آهي. شاهه صاحب کي 21 آڪٽوبر تي 10 ملين جي عيوض ضامن جي حوالي ڪيو ويو. هن کي جيل ۾ بند ڪرڻ کي ڪنهن به ريت نيب جسٽيفاءِ نه ٿي ڪري. شاهه صاحب جو نالو نيب ECL  اگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ داخل ڪيو آهي. جڏهن ته موجوده نيب جي چيئرمين جاويد اقبال نيب جي ساک کي بچائيندي ان خيال جو آهي ته نيب هيل تائين 1045 ڪيسن ۾ نيب ڪورٽ جوابدارن کي سزا ڏيئي چڪي آهي ۽ هن ملڪ جي وڏين مڇين کان نيب آڪٽوبر 2017 ع کان ڊسمبر 2021ع تائين،  539 ملين روپيا وصول ڪري سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن. جڏهن ته( 1999ع ) کان نيب جي اداري قائم ٿيڻ کان وٺي، هيل تائين 1278 ڪرپشن ريفرنس ملڪ جي مختلف نيب ڪورٽن ۾ داخل ڪيا ويا ۽ انهن مان 1335 بلين روپيه وصول ڪري چڪي آهي. پر هتي هڪڙو سوال آهي ته ڇا نيب جي پنهنجي تحقيق، تفشيش صاف شفاف، قانوني گهرجن تحت ٿئي ٿئي، نيب جا سڀ آفيسر ايماندارآهن. ڇا نيب پاڻ کي ڪرپشن جي الزامن کان آجو ڪري اهو ثابت ڪري سگهي ٿي ته هي ئي اهو واحد ادارو آهي جيڪو احتساب جو حق رکي ٿي. پر سوال اهو ٿو اڀري ته نيب جو احتساب ڪير ڪندو؟.

[email protected]