اڌوري سياست

0
245
اڌوري سياست

سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مشهور نظم آهي:

“اسان بس رهياسين،

اڌورا اڌورا”

آڪاش انصاريءَ جو مٿيون نظم هن جي سياسي اڳواڻ ۽ ادبي استاد رسول بخش پليجي کي سخت ناپسند هو. جڏهن ته ان نظم ۾ صرف آڪاش جو پنهنجو ذاتي نه پر سرد جنگ کان پوءِ مايوسيءَ جو شڪار ٿيل اڪثر ترقي پسندن جا پاڇا لڙکڙائيندا نظر ايندا هئا. اهو نظم هن وقت پاڪستان جي سڀ کان مقبول ۽ سڀ کان مجبور سياستدان جي حال جو احوال به پيش ڪري رهيو آهي. ڇا اها حقيقت ناهي ته اڄ عمران خان هڪ اڌورو انقلابي ۽ هڪ اڌورو سياستدان آهي. نه هو نواز شريف، شهباز شريف، آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جهڙو سياستدان ٿي سگهيو ۽ نه وري هو سوريءَ جو سينگار ٿيندڙ شهيد ڀٽو ٿي سگهيو. هو اڌورو رهيو. ڇا عمران خان صاحب ۽ هن جا سياسي عاشق برداشت ڪري سگهندا اهي لفظ، ته هو ناڪام نقب زن آهي! سچ اهو آهي، ڀلي ان مٿان ڀاري پردا وڌا وڃن.

اڄ جڏهن عمران شڪسته دل ۽ شڪسته دماغ سان پنهنجي معصوميت ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي مظلوميت جو ڪيس لڙي رهيو آهي، تڏهن اهو عمران شدت سان ياد اچي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه وقت اڳ پنهنجي پوري جاهه و جلال سان پاڪستان جي پڌري توڙي پوشيده حڪومتن مٿان طنز جي تيرن سان حملا ڪري رهيو هو. پر حقيقت اها آهي ته هو ۽ هن جي پارٽي ڪجهه ڏينهن جو سياسي جبر برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نظر نه ٿا اچن. جڏهن ته نه صرف هڪ انقلابي پر هڪ حقيقي تبديلي پسند کي به ايتري سياسي جبر جي لاءِ تيار هجڻ کپندو آهي، پر حيرتناڪ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته عمران خان جي مٿان آيل هن مشڪل مرحلي ۾ هن جا نه صرف جونيئر پر سينيئر ساٿي به هن جي پارٽيءَ کي ائين ڇڏي رهيا آهن، جيئن ٽٽل پڃري مان پکي اڏامندا آهن.

عمران خان کي نه صرف ملڪ جي سياسي ۽ صحافتي مبصرن پر خود پنهنجي پارٽيءَ جي سنجيده ساٿين به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هو هن سياسي جهيڙي ۾ ايترو اڳتي نه وڃي، جو هن کي واپس ورڻ جو رستو نه ملي. پر هو نه مڙيو. هن اهو ڪجهه ڪيو، جيڪو هن جي دل ۽ دماغ هن کي چيو. جڏهن ته هن کي پاڻ به محسوس ڪرڻ کپندو هو ته هو عوامي حمايت جي مڌ ۾ مست آهي. عمران خان جي اها دعويٰ آهي ته هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به شراب نه پيتو آهي. جيڪڏهن هن جي ان ناقابل يقين دعويٰ تي اعتبار به ڪجي، تڏهن به هن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته شيشن ۾ بند شراب جو نشو ان مڌ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي، جيڪو عوامي حمايت وارين تاڙين، نعرن ۽ نغمن سان هڪ ليڊر جي حواسن کي ڪنٽرول ڪري وٺندو آهي. اها حقيقت آهي ته عمران خان کي تمام گهڻي عوامي حمايت ۽ محبت ملي ۽ هو ايترو ڊوز برداشت نه ڪري سگهيو.

عمران خان جي سياسي سفر ۾ صرف شيخ رشيد ۽ پرويز خٽڪ نه رهيا آهن، هن سان معراج محمد خان جهڙا نظرياتي ۽ سياست کي سائنس جيان سمجهندڙ سياستدان ساڻ رهيا هئا. ڇا انهن عمران خان کي اهو نه سمجهايو هوندو ته هڪ ليڊر پنهنجي نظرئي ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي ساخت ۽ سگهه سان مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪندو آهي. عمران خان جي پارٽي تحريڪ انصاف هڪ پاپولر ۽ عوامي پارٽي رهي ۽ ان ۾ عمران خان راڳن ۽ رنگن جا ڪردار به رهيا، پر اها ڪا ٺوس نظرياتي ۽ انقلابي تربيت واري پارٽي نه هئي ۽ نه آهي. پي ٽي آءِ هڪ مڊل ڪلاسي ۽ اپرمڊل ڪلاسي پارٽي هئي. هيءَ اها پارٽي هئي ۽ آهي، جيڪا ميڻ جي بت جهڙي آهي. اها پارٽي ڪڏهن به آزمائش جي اس ۾ پنهنجي وجود کي قائم رکي نه ٿي سگهي ۽ هن وقت اهوئي ڪجهه ثابت ٿي رهيو آهي. هن جي پارٽيءَ جا اهي ليڊر، جن پاڻ کي تمام گهڻو بهادر ۽ تمام گهڻو برداشت ڪري سگهڻ وارو سمجهيو هو، سي سياسي پريشر جي پهرين مرحلي ۾ سوڀارا ٿي نه سگهيا. جڏهن ته اها انقلابي عشق جي ابتدا هئي. اردوءَ جي هڪ استاد شاعر جو جڳ مشهور شعر آهي:

“ابتدائي عشق هي روتا هي ڪيا

آگي آگي ديکيي هوتا هي ڪيا”

عمران خان آزمائش جي هن پهرين رائونڊ ۾ روئڻ هارڪو ٿي ويو آهي ته هو ايندڙ مرحلن کي ڪهڙي ريت سهي سگهندو؟ عمران خان لاءِ هيءَ صورتحال بري نه پر بهتر آهي، جيڪڏهن هو ان مان سکڻ جي ڪوشش ڪري. هن کي سمجهڻ گهربو هو ته بنا ڪنهن نظرئي ۽ بنا ڪنهن انقلابي انداز واري پارٽي جوڙجڪ جي، هو ايترو وڏو قدم ڪيئن ٿي کڻي سگهيو؟ هن کي پنهنجي پارٽيءَ جي نازڪ ٽارين مٿان ايترو ڀاري بار نه رکڻ کپندو هو، ڇو ته جيڪو ڪلاس عمران خان سان گڏ آهي، اهو ڪلاس پنهنجي سرشت ۾ ايتري سگهه نه ٿو رکي، جو ايتريون سختيون برداشت ڪري سگهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا جا عظيم انقلابي به وچئين طبقي مان پيدا ٿيا آهن. خود لينن وچئين ڪلاس جو بندو هو. مارڪس به مڊل ڪلاسي هو. اينگلس ته اپرمڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ هو. چي گويرا ڊاڪٽر هو. ڪاسترو خوشحال خاندان جو فرد هو. مائو ۽ هوچي منهه جو پسمنظر ڪجهه وضاحت طلب آهي پر هو به هيٺين ۽ پورهيت طبقي مان نه آيا هئا، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته مڊل ڪلاس هڪ آدرشي ۽ انقلابي طبقو هوندو آهي. مڊل ڪلاس پنهنجي ڪک مان مها انقلابي پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ان ڪيا به آهن پر مجموعي طور تي مڊل ڪلاس موقعي پرست ۽ مشڪلاتن ۾ هٿ مٿي ڪري شڪست مڃيندڙ ڪلاس رهيو آهي. جڏهن ته عمران خان جي پارٽيءَ جو ڪرنگهو، هن جو بيڪ بون اهو ڪلاس آهي. عمران خان جي پارٽيءَ جي غريب عوام ۾ به حمايت آهي پر هن مهل تائين هڪ به غريب تحريڪ انصاف جي ڪنهن هم عهدي تي نه آندو ويو آهي. ڇا ان کان وڌيڪ طبقاتي بي انصافي ٿي سگهي ٿي؟

عمران خان جو ڪيس سمجهڻ جي لاءِ اسان کي هن جو منڍ کان پيرو کڻڻو پوندو. عمران خان ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته حالتون هن کي ملڪ جو ايڏو وڏو ۽ ايترو مقبول سياسي ليڊر بڻائينديون. عمران خان جڏهن پنهنجي سياست شروع ڪئي هئي ته هن حميد گل جي هدايتن تي هڪ پريشر گروپ جي طور تي آپريٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. عمران خان جي ذات ۽ صفات ۾ هن مهل تائين پريشر پيدا ڪري، پنهنجا مطالبا مڃرائڻ وارو لاڙو رهيو آهي. اهوئي سبب آهي ته هن جڏهن به ڪوئي عمل ڪيو آهي ته ان ۾ پريشر وجهڻ جو عنصر چٽي طور تي سامهون اچي ٿو. عمران خان جي سياست دٻاءَ ذريعي مقصد ماڻڻ واري سياست رهي آهي. اها عمران خان جي سياست جي پهرين خامي آهي. هن جي ٻين ۽ وڏي خامي اها آهي ته هن ۾ صبر سان رهڻ جي صلاحيت ئي نه آهي، جڏهن ته سياست ۾ صبر جو تمام اهم ۽ وڏو ڪردار هوندو آهي. جيڪو صبر ڪري نه ٿو سگهي، ان کي سياست ڪرڻ جو حق ته ٿي سگهي ٿو پر هن کي سوڀارو ٿيڻ جي خوش فهميءَ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. عمران خان جي سياسي عمر 72 سال آهي. هو اهي سال بي صبريءَ واري دور مان گذريو آهي. هن جي انداز مان مستقل طور تي تڪڙ جي ڀرپور جهلڪ ملندي رهي آهي. عمران خان جي هن پوئين مرحلي ۾ به اسان کي اهي ٻئي عنصر ڀرپور صورت ۾ نظر اچن ٿا. عمران خان حڪومت مان نڪري جيتري عوامي مقبوليت ماڻي، اهو سڀ ڪجهه هن لاءِ تقدير پاران ڪنهن قيمتي تحفي کان گهٽ نه هو. جڏهن ته هن پنهنجي ٽن سالن واري سرڪار ۾ اهڙو ڪو ڪارنامو سرانجام نه ڏنو هو، جنهن جي ڪري کيس ايتري حمايت حاصل ٿئي. عمران خان پاڻ به ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي ته هو اقتدار مان آئوٽ ٿيڻ بعد عوامي سپورٽ جي حوالي سان سوچي به نه ٿي سگهيو. اهو وقت عمران خان جي لاءِ ڪنهن سياسي غنيمت کان گهٽ نه هو. هن وٽ خيبر پختون خوا ۽ پنجاب جون صوبائي حڪومتون هيون. پنجاب جي صوبائي حڪومت هجڻ جو مطلب مِني ملڪ مٿان حڪومت کان گهٽ ناهي. هڪ طرف عمران خان وٽ ٻن صوبن جون حڪومتون هيون، ٻئي طرف هن وٽ ڪشمير ۽ گلگلت بلتستان جو پاور به هو. ٽين طرف هن جي قومي اسيمبليءَ ۾ ڀرپور حيثيت هئي. چوٿون هو ان غيرمقبول حڪومت سان ٽڪراءُ ۾ هو، جيڪا ماڻهن مٿان مهانگائيءَ جو بار وڌائي پنهنجي لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪري رهي هئي. ڇا ان صورتحال ۾ عمران خان لاءِ سوا سال مضبوط مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪرڻ مشڪل هو. خاص طرح ان وقت جڏهن هن کي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي صوبي ۾ سرڪار به حاصل هجي.

عمران خان پنهنجي سياسي ڀاڳ کي نڀاڳ ۾ تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، ڇو ته هن کي اقتدار ۾ اچڻ جي تڪڙ هئي. هن کان سوا سال جو صبر نه پئي ٿيو. ان حالت ۾ هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ مٿان پريشر وجهڻ شروع ڪيو. هن فوج مٿان تنقيد ڪرڻ ۽ ان کي عجيب نالن سان پڪارڻ وارو جيڪو ايڊوينچر (Adventure) شروع ڪيو، ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر سان گڏ ملڪ جي تاريخ ۾ آءِ ايس آءِ جو سربراه به پريس بريفنگ ڏيڻ ويٺو. اهو سڀ ڪجهه فوج مٿان عمران خان جي وڌل دٻاءَ جي نتيجي ۾ ٿيو. جڏهن ته اهو وقت عمران خان جي لاءِ بهترين وقت هو، جڏهن هو هڪ طرف حڪومت کي وڌيڪ غيرمقبول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها ۽ ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجا بگڙيل تعلقات بهتر بڻائي ها. پر عمران خان انڌ جي گهوڙي تي سوار هو. هن هڪ وڏي پر ڪمزور پارٽيءَ جي ڪلهن تي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه جو وزن رکيو ۽ هو وساري ويٺو ته هو پاڻ به ڪو مها انقلابي نه پر هڪ اهڙوئي روايتي سياستدان آهي، جهڙو ميان نواز شريف آهي. نظرياتي ۽ انقلابي دورا نواز شريف کي به پوندا رهيا آهن پر هو انهن مان جلد ٻاهر نڪري ايندو رهيو آهي. جڏهن ته عمران خان خطرناڪ خودفريبيءَ جي ڪردار ۾ ايترو ته اڳتي نڪري ويو، جو هن وقت هو 9 مئي جي ڏينهن تي ٻرندڙ باهين جي وچ ۾ تنها بيٺل آهي. هو واپس ٿيڻ چاهي ٿو، پر هن کي واپسيءَ جي واٽ نظر نه ٿي اچي.