کپرو )ن پ ا) اڇڙي ٿر واسين جو هٿ بندي معامرو،  حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ٻيهر نوٽس ورتو، فيصلا ڪايمٽي جي  اڳوڻي چئيرمين  مولوي اسد الله مهر کي  فيصلو ڪرڻ جو حڪم. ان ڏس ۾ اڇڙي ٿر جي ڳوٺ هوندو هنگورجو کارڪي جي رهواسين هنگورجا برادري ماڻهن ۽ گجو برادري جي ماڻهن وچ ۾  تڙن جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار جوخليفن پاران  ڪيل فيصلي ۽ 12 سالن  کان هنگورجا برادري جا هٿ بند ڪرڻ ۽ انهن جي شڪايتن تي خليفن فيصلا ڪايمٽي پاران نه ٻڌڻ بعد خليفن جي زيادتي  خلاف ڪيل احتجاج بعد  پيرپاڳاري نوٽس ورتو هو،  جوڙيل ڪاميٽي  فيصلو ڪرڻ بدران  هڪ ڌر جي رپورٽ پيش ڪئي،  زيعن موجب ته پير پاڳاري اها هڪ طرفي رپورٽ رد ڪندي  ٻيهر فيصلو ڪرڻ لاءِ مولوي  اسدالله مهر  کي ٻيهر  معامري بابت رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آھي،حرن جي روحاني پيشوا پير صبغت الله شاهه راشدي پيرپاڳاري جي حڪم بعد مولوي  اسدالله مهر اڳوڻي جوڙيل ڪاميٽي ۾ شامل فيصلا ڪاميٽي جي چيئرمين پيربخش جوڻيجو، ايم پي اي قاضي شمس الدين راڄڙ،  اڳوڻي تعلقه ناظم  خدابخش درس،  غلام دستگير راڄڙ سميت  اڇڙي ٿر جي نائب مک احمد فقير راڄڙ،  نائب خليفي ابراهيم  هنگورجو ۽ متاثر ڌر  هنگورجا برادري ۽  مخالف ڌر گجو برادري جي ماڻهن کي پير ڳوٺ درگاهه  شريف   طلب ڪيو ويو آھي، اڳ جوڙيل 4 رڪني ڪاميٽي پاران مامرو حل نه ڪرڻ، پنهنجي، ٽائيم نيوز ۽ بي بي سي سميت  سوشل ميڊيا تي ٻيهر متاثرين جون خبرون هلڻ بعد  حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ٻيهر نوٽيس وٺندي  درگاهه شريف جي اڳوڻي فيصلا ڪاميٽي جي چيئرمين اسد الله مهر کي معامري جي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڪيو، جنهن  سڀني ڌرين کي  اڄ سومر ڏينهن درگاهه شريف تي طلب ڪيو ويو آھي، جتي  فيصلا ڪاميٽي جواڳوڻو  چيئرمين  مولوي اسدالله مهر ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي فيصلو ڪري رپورٽ پير پاڳاري کي ڏيندو. ياد رهي ته  هٿ بندي معامري سبب 14 نياڻين جي شادي نه ٿيڻ ۽ رشتا ٽٽڻ واري مامري بعد وارثن جي پريس ڪلب کپرو پهچي احتجاج ڪرڻ  جي خبر ميڊيا تي هلڻ بعد پير پاڳاري نوٽيس وٺندي چيف خليفي کي معامرو حل ڪرڻ لاءِ  کپرو موڪليو، جنهن  4 رڪني ڪاميٽي جوڙي،   ڪاميٽي  هڪ ڌر کي گهرائي دانهيندڙ ڌر کي گهرائڻ جي زحمت نه ڪئي، جنهن سبب معامرو رولڙي جو شڪار ٿيو.