کپرو (ن پ ا) کپرو تعلقي جي اڇڙي ٿر کي آدمشماري عملدارن نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي، آخري ڏينهن به  ڳڻپ ڪندڙ عملو نه پهتو، جنهن سبب اڇڙي ٿر جا 200 کان وڌيڪ ڳوٺ ڳڻپ کا نرهجي وڃڻ جو خدشو آهي، ڳوٺ راڻاهو ۽ راڻڪ ڏهر جي رهواسين علي خان آريسر، عطامحمد چانهيون، ملوڪ درس ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته 4 يونين ڪائونسل جا هزارين ماڻھو آدمشماري ۾ شامل ٿي نه سگهيا آھن، هنن چيو ته ٽي ڏينهن دوران عملو ناهي پهتو، هنن چيو ته انيوميٽر چون ٿا ته جنهن لوڪيش تي اوهان جاڳوٺ  آھن اتي  ٽيبليٽ نٿو ڏيکاري، سمورا بلاڪ کپرو ۽ هٿونگو جي ارد گرد  ڏيکاري ٿو، جنهن سبب ڳڻپ نٿا ڪري سگهون، هنن اختيارين کي نوٽيس وٺڻ جي اپيڪ ڪئي.