کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) اڇڙي ٿر واسي پير پاڳاري جي مريدن جو هٿ نه کليو، پير پاڳاري جي نوٽيس وٺڻ باوجود معاملو رولڙي جو شڪار، چيف خليفي جي جوڙيل ڪاميٽي به خاموش، متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هٿ بندي سبب 14 نياڻين جي شادي ناهي ٿي سگهي، انصاف لاءِ دربدر آهيون، ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، خبر موجب ڪالهه پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ٽيم ڳوٺ هوندو هنڱورجو تڙ کارڪي  پهچي متاثرن سان ملي، ان موقعي تي متاثر ڌر جي حاڪم هنڱورجو، مسمات ساڌمي هنڱورجو ۽ ٻين چيو ته اسان صدين کان هتي ويٺل آھيون، هنن چيو ته علائقي کي خالي ڪرائڻ لاءِ نائب خليفو ابراهيم هنڱورجو  اسان سان زيادتيون ڪرائي رهيو آهي، خليفو احمد راڄڙ به ابراهيم سان گڏجي ويو آھي، هنن چيو ته انصاف ڪرڻ بدران هٿ بند ڪري 12 سالن کان اسان کي حرجماعت ۽ پنهنجي عزيزن کان ڌار ڪيو ويو آهي، نه شادين ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿي سگهون ٿا ۽ نه ئي عزيزن جي مرڻي پرڻي ۽ ڏک سک ۾ شريڪ ٿي سگهون ٿا، هنن چيو ته هٿ بندي سبب 14 کان وڌيڪ نياڻين جون  شاديون  ڪرائي نه سگهيا آھيون، خليفو ابراهيم چوي ٿو ته اسان ڪوڙ  ٿا ڳالهايون، ان ڪري اڄ سموريون نياڻيون به ميڊيا آڏو آنديون آهن، نه ته ڪير ٿو پنهنجا ننگ  ايئن دنيا سامهون آڻي، هنن چيو ته حر جماعت جي فيصلا ڪاميٽي کان وٺي درگاهه شريف ۽ ڪنگري هائوس تائين چڪر ڪاٽيا پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو، سڀني هنڌان اهو جواب مليو ته ابراهيم جي ناجائز ٿيل فيصلي تي عمل ڪريو ۽ تڙ تان لڏي وڃو، هنن چيو ته پنهنجا اباڻا پڊ يا تڙ ڇڏي ڪيڏانهن وڃون، هنن جو چوڻ هو ته ابراهيم خليفو اسان کي جماعت مان خارج ڪرائڻ چاهي ٿو، اسان روضي ڌڻي جي در تي پاڻ کي ساڙي مارينداسين پر مريدي نه ڇڏينداسين، هنن چيو ته خليفن جي ناجائزين ۽ زيادتي واري فيصلي خلاف گذريل 12 سال کان انصاف لاءِ دربدر آهيون، مجبور ٿي  ميڊيا جو سهارو ورتو آھي، هنن ٻڌايو ته پيرپاڳاري جي نوٽيس وٺڻ بعد چيف خليفي قادر بخش منڱريو کپرو پهچي 4 رڪني ڪاميٽي جوڙي، جنهن کي معامري بابت جاچ ڪرڻي هئي پر انهن تفتيش ڪرڻ بجاءِ هڪ هنڌ ويهي دانهيندڙ ڌر کي گهرائڻ  جي زحمت ئي نه ڪئي، رڳو گجو ڌر کي گهرائي بيان ورتا  ويا، اسان انتظار ڪندا رهياسين،