ڪراچي: حر جماعت جي چيف خليفي فقير قادر بخش منڱريو چيو آهي ته اڇڙي ٿر آيا آهيون، وڌيڪ ڌر سان ملون ته خبر پوندي ته مسئلو ڪهڙو آهي، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته معاملي بابت معلومات ورتي آهي، ڪو مسئلو ٿيو آهي ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هن چيو ته متاثر ڌر سان ملڻ بعد تفصيل ٻڌائي سگهجن ٿا، في الحال ان باري ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ٻئي ڳالهه هي مسئلو اصل ۾ فيصلا ڪاميٽي جو آهي، جن جو سسٽم الڳ آهي، چيف خليفي چيو ته مسئلو وڏو ڪونهي، پر جيڪو به آهي ان کي حل ڪيو ويندو، ڇا اوهان مسئلي جي حل لاءِ اڇڙي ٿر آيا آهيو واري سوال تي هن چيو ته ڌرين سان مليا ئي ناهيون ته ڇا ٻڌايون ملون ته پوءِ خبر پوندي.