مشتاق سعيد سجاول مان لکي ٿو

سنڌ جي شعوري سطح جو ھڪ اڀرندڙ اجتماعي دور اھو به ھو، جڏھن ڪو به ڪامريڊ يا پڙھيو لکيو ماڻھو ڪنھن واقفڪار سان ملندو ھو ته ڄڻ، سلام ورائڻ جيان، اھو ضرور پڇندو ھو ته: اڄڪلھه ڪھڙو ڪتاب پيو پڙھين؟ ان وقت سلجھليل ۽ باشعور يا معتبر ھجڻ جي ھڪ نشاني، مختلف موضوعن وارا ڪتاب پڙھڻ پڻ سمجھي ويندي ھئي، ان ئي دور ۾ ھڪ طرف ڪتاب پڙھڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ انھن تي ڪلاڪن تائين بحث مباحثا ڪرڻ ۽ سکڻ جا رجحان پروان چڙھي رھيا ھئا ته ساڳي وقت انھن ڪتابن ۽ بحثن جي اثر ھيٺ سماج ۾ نوان طبقا پڻ پيدا ٿي رھيا ھئا ۽ نوان طبقا سياست ۾ عملي جدوجھد ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لھي رھيا ھئا، ۽ اھڙي ريت ھر ڀيري نوان ڪتاب پڙھندڙ شاگرد ۽ پورھيت طبقا پيدا ٿي رھيا ھئا. ھي اھو دور ھو جڏھن مختلف انقلابي، ادبي، تاريخي ۽ سياسي ڪتاب پڙھندڙ ڳوٺاڻن نوجوانن جا بحث ٻڌي، ٻڍڙا توڙي پورھيت به سياسي تحريڪن ۾ سرگرمي سان حصو وٺي رھيا ھئا. ان بعد اوچتو ئي اوچتو سنڌ جي شعوري مزاج کي ڪا نظر لڳي وئي، جو ڪتاب پڙھڻ جو رجحان اٽي ۾ لوڻ برابر رھجي ويو، تڏھن ادبي، تفريحي توڙي سياسي يا معلوماتي ڪتاب پڙھندڙ طبقي، اخبارون پڙھڻ شروع ڪيون، اھا مڃيل تاريخي حقيقت آھي ته اخبارن جا ڪنھن به سماج تي انتھائي گھرا اثر ھجن ٿا، اخبارن جا به عروج ۽ زوال ايندا ۽ ويندا رھيا آھن، پراڻين اخبارن جي جاءِ نيون اخبارون والارڻ لڳنديون آھن، ۽ ايئن ھر دور ۾ مقابلو شروع ٿيندو رھيو آھي جيڪو اڄ به جاري آھي.
   ھيءَ تاريخي حقيقت آھي ته انقلاب تڏھن ايندو آھي جڏھن سماج جا نوان طبقا تحريڪن ۾ شامل ٿيڻ لڳندا آھن، ۽ ساڳي وقت ھر انقلاب اچڻ بعد، سماج ۾ نوان طبقا پاڻمرادو جنم وٺندا آھن، ۽ پراڻا طبقا پنھنجي جاءِ بدلائي نئين ذوق ۽ لڳاءُ سان ميدان تي اچي ويندا آھن، ھن وقت سنڌ جي پڙھيل لکيل ۽ گڏيل سماجي مزاج ۾ ھڪ وڏو ڦيرو “پنھنجي اخبار” پڻ آڻي ڇڏيو آھي.
“پنھنجي اخبار” پنھنجي ننڍڙي ڄمار ۾ سنڌ اندر نوان پڙھندڙ طبقا پيدا ڪري چڪي آھي، “پنھنجي اخبار” خبرن جي حوالي سان پنھنجي مزاج ۾ منفرد آھي، سندس ھن انفراديت ۽ خبرن جي صحت ۽ شفافيت جي پختگي ۽ اعتبار سبب، “پنھنجي اخبار” سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جھڙي ريت جلد ڇانئجي وئي آھي، ان جو پھرين ته گھڻن کي اندازو ئي نه ھو، آئون ذاتي طور سمجھان ٿو ته “پنھنجي اخبار” جو ميڊيا جي ڪک مان ڄمي پوڻ، يقينن ڪنھن انقلاب کان ان ڪري گھٽ ڪونھي جو، ھيءَ اخبار سنڌ اندر پڙھندڙن جا نوان طبقا پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي، اسانجي ھڪ وڪيل دوست ڪچھري ۾ ٻڌايو ته اڳ ۾ ڪورٽ ۾ ايندڙ سائلن مان ورلي ڪنھنجي ھٿ ۾ ڪا ويڙھيل اخبار ڏسندا ھئاسين، پر “پنھنجي اخبار” اچڻ کانپوءِ ھر ٻئين ٽئين ماڻھو جي ھٿ ۾ “پنھنجي اخبار” نظر اچي ٿي، ان کان علاوه عدالتي عملي کي پڻ ھاڻي روزانو “پنھنجي اخبار” پڙھڻ جي ھير پئجي وئي آھي.
ادب سان ذوق رکندڙ نوجوانن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽيز جي شاگردن، ۽ رازڪو ڪم ڪندڙن سميت مختلف پورھيتن جي ھٿن ۾، توڙي ڳتيل بازارن جي وچ ۾ ريڙھو بيھاري، قبضا ھٽائيندڙ پوليس جي خوف کان لوڻا ڦيرائيندڙ پورھيتن جي ھٿ ۾، جڏھن اخبار ڏسجي ٿي تڏھن لڳي ٿو ته ھي اھي نوان اخبار پڙھندڙ طبقا آھن، جيڪي شايد ويجھي ماضي ۾ اخبار پڙھڻ ڇڏي چڪا ھئا، وڌيڪ دلچسپ ۽ ٿوري حيران ڪندڙ ڳالھه اھا آھي جو اسان وٽ ھر ڄمار جي ماڻھن ۽ ھر ڪرت سان لاڳاپيل ماڻھن تي مشتمل، ھڪ طبقو اھڙو به ھو جنھن، سوشل ميڊيا جي گھڻو عام ٿيڻ بعد اخبارون پڙھڻ بلڪل ڇڏي ڏنيون ھيون، ھن طبقي سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڻھن جي ھٿن ۾ ھاڻي جڏھن “پنھنجي اخبار” جو پرچو نظر ايندو آھي،  تڏھن لڳندو آھي ته ڄڻ ھي انقلاب آھي، اھڙو انقلاب جنھن اچڻ سان ئي سنڌي سماج ۾ نوان پڙھندڙ طبقا جنمي ورتا آھن.
ھن وقت جڏھن مختلف ھنڌن تي دوستن جا بحث ٻڌندو آھيان، ھو بحث ڪري رھيا ھوندا آھن ته “پنھنجي اخبار” جي ايترو جلد، ايتري وڏي ڪاميابي جو اصل راز ڪھڙو آھي؟ خبرن جي صحت ۽ اخبار جي گيٽ اپ کان ويندي مختلف شين کي غور ھيٺ آڻڻ کانپوءِ به، ڪنھن کي به ڪو پتو پئجي نه سگھندو آھي ته آخر “پنھنجي اخبار” جي ڪاميابي جو اصل راز ڇا آھي؟ تڏھن وچ بحث ۾ اوچتو ڪو پختو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آھي، ڪو چئي رھيو ھوندو آھي ته بابا، ڦلاڻي صاحب به اخبار ڪڍي، پر ڪونه ھلي،  ڦلاڻي نالي سان به نئين اخبار آئي، پر نه ھلي سگھي، “پنھنجي اخبار” آئي ۽ بس ھر ڪنھن جي ھٿ ۾!! آخر ڇو؟؟ ٻيو ڪجھه ڪونھي بابا، يا ته سنڌي ماڻھو علي قاضي تي عاشق آھن يا ته علي قاضي جا ڀاڳ ڀلا آھن ۽ قاضي صاحب لڪي آھي.
بحرحال پنھنجي اخبار اچڻ سان ئي پڙھندڙن جي ڏنل موٽ مان لڳي ٿو ته سنڌي ماڻھن کي ھڪ نئون پڙھڻ جو لاڙو مليو آھي، پر جيڪڏھن ڪنھن به طبقي کي “پنھنجي اخبار” جو مارڪيٽ ۾ اچڻ ۽ اچڻ سان ئي ڇانئجي وڃڻ، ڪنھن به سبب سان ٿورڙو به ناگوار گذريو ھجي ته اسان کيس ھٿ ٻڌي التجا ڪندي چونداسين ته: تون ھانءُ نه ھارج ڪوھيارل، اچ، اسان توکي به اڪاري وينداسين….