اچو ڙي سُورن واريون! … جوش ۾ اَچِي هوش نه وِڃايو!

0
199
اچو ڙي سُورن واريون! ... جوش ۾ اَچِي هوش نه وِڃايو!

 پاڪستان اهو ملڪ آهي، جيڪو ڪڏهن به حقيقي جمهوريت جو مُنهن ڏسي ناهي سگھيو! هتي ڪڏهن به واضح ۽ چٽِي طرح جمهوري نظام رهيو ئي ڪونهي. بدقسمتيءَ سان ملڪ جي وجود ۾ ايندي ئي مخصوص اشرافيا جو ملڪ ۽ ان جي سمورن ادارن تي قبضو ٿي ويو. عوام کي جيڪي سرسبز ۽ سونهري خواب ڏيکاريا ويا هئا، اهي بهار جي اچڻ کان اڳ ئي خزان ۾ تبديل ٿي ويا. ماڻهن جي سمورين اميدن ۽ آشائن جو سرِ عام خُون ڪيو ويو. هي ملڪ پنجن قومن جي گڏيل رضامندي ۽ فيصلي سان فيڊريشن جي بُنياد تي قائم ڪيو ويو هو، پر مسلسل پنجهتر ورهين کان ان اٽل حقيقت کان مُنهن مُوڙيو پيو وڃي. تاريخ جي سڀ کان وڏي سچ کي پُٺي ڏني پئي وڃي. دنيا جي تاريخ ۾ جن به بادشاهن، آمرن، حاڪمن، حڪمرانن ۽ جابرن، تاريخ سان ۽ سچ سان هٿ چُراند ڪئي آهي، اُهي دنيا ۾ ڏاڍا خوار ۽ خراب ٿيا آهن. هتي به هڪ ڏينهن ائين ٿيڻو آهي. هن ملڪ اندر، انسانيت، شرافت، ماڻهپي، مُهذپڻي، سهپ، رواداري، برابري ۽ جمهوري روايتن جي آبياري ڪرڻ بدران انهن کي چِٿڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. پنهنجن تاريخي وطنن ۽ وحدتن سان پيار ڪندڙ قومن جي جائز گھرجن کي طاقت جي ذريعي ختم ڪرڻ جي مشق اڃان تائين جيئن جو تيئن جاري آهي. ڪنڌ مٿي کڻي باوقار طريقي سان جيئڻ جا جتن ڪندڙ فردن توڙي قومن جا ڪنڌ مروڙڻ لاءِ هتان جا حاڪم هر وقت تيار ويٺا آهن. ملڪ جي اقتدار ۽ اختيار سميت سمورن وسيلن تي قابض مُقتدر قوتون پنهنجي هڪ هٽِي ۽ بالادستيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ قطعي طور تيار ڪونهن. هر ان آواز کي طاقت جي زور تي دٻائڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن کين سچ چوڻ جي جُرئت ڪئي آهي.

هنن جي سڀ کان وڏي خواهش اِها آهي ته سڀئي ماڻهو انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا بڻيل هجن. هي رات کي ڏينهن ۽ ڏينهن کي رات چئي سگھن ٿا. هي چاهين ته اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو هجڻ جو اعزاز بخشي ڇڏين. اهو هنن جي پسند ۽ سندن مرضيءَ  تي منحصر آهي ته ڪنهن کي محب وطن جو ۽ ڪنهن کي غدار هجڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪن ٿا. هي هر ڪنهن جي قسمت جو فيصلو پنهنجي پسند مطابق ڪري سگھن ٿا. سڀ حق ۽ واسطا هنن وٽ محفوظ آهن. ڪٿان به ڪير سوال نه ڪري. ڪير هنن تي اڱر به نه کڻي. ڪير حساب ئي نه گھري. جيڪي ڳالهائيندا، سوال پڇندا ۽ حق گھرندا، سي کنڀيا ويندا. ٽارچر ڪئمپن ۾ واڙيا ويندا. اذيتون ۽ عذاب ڏئي ماريا ويندا. خوشقسمت وارثن ڏانهن سندن پيارن جا لاشا موڪليا ويندا! ٻي صورت ۾ گھڻن جا ته لاشا ئي گُم ڪيا ويندا يا لوڙهيا ۽ ساڙيا ويندا. ڇو ته، هي چاهين ئي اهو ٿا ته ماڻهو ڊِنل ۽ هِيسيل هجن. علم، عقل، سوچ ۽ سمجھ کان ڪوهين ڏُور هجن، پنهنجن حقن ۽ وسيلن کان اڻڄاڻ ۽ غافل هجن. احساسن ۽ جذبن کان خالي کوکا هجن. روبوٽ هجن. جن جو رموٽ ڪنٽرول هنن جي هٿن ۾ هجي. هنن جي حڪم تي اُٿن ۽ ويهن. هنن جي حڪم تي گُھمن ۽ ڦِرن. هنن جي حڪم تي کائين ۽ پيئن. هنن جي پسند جا نعرا هڻن. هنن جي لاءِ جھمريون هڻن. هنن جي ئي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪن. سدائين جيان کين حڪمران چونڊي پاڻ تي مُسلط ڪن. پنهنجن مقدرن جو کين سِڪندر بڻائين. هِي چاهين ته رات پيٽ ۾ ليڊر ۽ پارٽيون ٺاهي ڇڏين. کين اک ڇنڀ ۾ اقتدار جو مالڪ بڻائين. وري جي ناراض ٿي پون ته کين ذليل ۽ خُوار ڪن. هي چاهين ته کٽندڙ بازيون هارائي ڇڏين ۽ چاهين ته هاريل بازيگرن کي ڪاميابين جا تاج پهرائين.

هي ته ملڪ جي پهرئين وزير اعظم کي جلسي اندر گوليءَ جي موت مارائي سگھن ٿا. هنن جي مرضي پوي ته عوامي حڪومت تي راتاهو هڻي چونڊيل وزير اعظم کي ڦاهيءَ تي لٽڪائي ڇڏين. هي جيڪڏهن راضي ٿي پون ته ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي مينڊيٽ ڏياري وزارتِ عظميٰ جو اعزاز بخشي سگھن ٿا. وري جي ڪاوڙجي پون ته کين جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ واڙي سموري خاندان کي جبري جلاوطني اختيار ڪرڻ تي مجبور به بڻائي سگھن ٿا. هي چاهين ته، ملڪ جي ٻه ڀيرا وزير اعظم رهندڙ سنڌ ڄائي عورت اڳواڻ کي لکين ماڻهن جي سمنڊ وچ ۾ گولي هڻائي کيس شهادت جو جام پيئاري سگھن ٿا. هنن کان ڪير پڇڻ وارو ئي ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هو مُلڪ جا مالڪ آهن. قابض آهن. ڊڪٽيٽر، جابر ۽ آمر آهن. تنهنڪري جيئن چاهين ڪري سگھن ٿا. ڪير چوندو ته شينهن جي وات ۾ ڌپ آهي. ڪنهن کي کُٽِيءَ کنيو آهي جو شينهن سان کئونس ڪري! سياسي پارٽيون هنن جي خواهشن مطابق ٺهنديون ۽ ڊهنديون. اهو صوابديدي حق هنن کي حاصل آهي ته ڪهڙي اڳواڻ کي ڪهڙي پارٽيءَ کان الوداع ڪرائين ۽ کين ڪهڙي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪرائين. ڇو هو آقا آهن. پاڻ ته سڀ ٻڌا ٻانها ۽ زرخريد غلام آهيون. غلامن جي ڪا به مرضي ناهي هلندي. غلامن جي ڪا سياست به ناهي ٿيندي. غلام ڪو فيصلو به ناهي ڪري سگھندا، ڇو ته پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ته آزاد فرد ڪندا آهن. آزاد ۽ خودمختيار قومون ئي پنهنجي قسمت، پنهنجن ايندڙ نسلن جي بقا ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪنديون آهن. آزاديءَ کان ته هنن کي چِڙَ ۽ نفرت آهي. هي سوجھري جا مُنڪر آهن. هي روشن صبح جا به انڪاري آهن. هي اونداهين جا پوڄاري آهن. انسانن کي غُلام بنائڻ ۽ انهن کي اذيتون ڏيڻ هنن جو پسنديده پيشو آهي. هي تشدد پسند ۽ اذيت پسند هجڻ ڪري ذهني مريض بڻجي چُڪا آهن. تنهنڪري ته انسانيت جي عظمت کان انڪاري آهن. پيار ۽ آزاديءَ کان ڊنل آهن.

اڄڪلھ ملڪ اندر هي جيڪو ڪجھ به ٿي رهيو آهي، ائين ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ ناهي ٿيندو. اڄ جيڪي سياسي ڌُريون، ماڻهو يا اڳواڻ موجوده حالتن تي خوشي منجھان ٺينگ ۽ ٽپا ڏئي رهيا آهن، جھمريون پيا هڻن، ڀنگڙا پيا وجھن، غير جمهوري، غير سياسي ۽ غير انساني روايتن جي پاسداري پيا ڪن، انهن جي حق ۾ بيان پيا جاري ڪن، پريس ڪانفرنسون پيا ڪن، هر ناجائز عمل کي جائز ۽ درست ثابت ڪرڻ لاءِ دليل پيا ڏين ۽ جواز پيا گھڙين، انهن کي گھڻو خوش نه ٿيڻ گھرجي. هي اقتدار مشڪري جي ٽوپي آهي. اها ٽوپي ڪيستائين پاتل هوندن، اهو کين به يقين ڪونهي. ڇو جو، هتان جا اصل ڌڻي هي خود ته ڪونهن، اُهي ته ڪي ٻيا آهن، جيڪي هنن کي نچائي رهيا آهن. جڏهن هنن جي ناچ مان مالڪن جي دل ڀرجي ويندي ته کين کير جي مک جيان اقتدار کان ٻاهر ڪڍي اڇلائي ڇڏيندا. تنهنڪري کين جوش ۾ اچي هوش نه وڃائڻ کپي. هتي ڪا به شيءِ ناممڪن ناهي هوندي. ڪا به پاليسي مستقل ناهي رهڻي. وقت ۽ سياسي حالتن تبديل ٿيڻ ۾ گھڻي دير ناهي لڳندي. اڄوڪيون حالتون سڀاڻي هنن تي به لاڳو ٿي سگھن ٿيون. سڀني کي ماضيءَ جا تجربا به ياد آهن. سڀئي جيلن، اذيتن، جلاوطنين جي مرحلن مان گذريل به آهن. حاڪمن جي موڊ ۽ پاليسين مان به چڱيءَ طرح واقف آهن. پوءِ به سمجھن ڪونه ٿا. بار بار ساڳيا تجربا ڪري رهيا آهن. تنهنڪري سياستدانن کي سگھارين ڌُرين جي رحم ڪرم تي هلڻ بجاءِ عوام جي خدمت ڪرڻ گھرجي. عوام سان پنهنجن ڳانڍاپن ۽ رشتن کي سگھارو بڻائن کپي، ڇاڪاڻ ته ڏُکئي وقت ۾ عوام ئي کين بچائي سگھي ٿو. جن پارٽين جون پاڙون عوام ۾ کُتل ناهن هونديون، اهي پارٽيون پاڻيءَ جي ڦوٽي مثل هونديون آهن. سگھارين قوتن جي ليبارٽرين مان جنم وٺندڙ پارٽيون ۽ اڳواڻ فارمي ڪڪڙ جيان نازڪ ۽ نفيس هوندا آهن، جيڪي معمولي سختي به برداشت ناهن ڪري سگھندا. هوا جي هڪڙي جھُوٽي سان ڪک پن جيان وکري ويندا آهن، جيئن اڄڪلھ ڏسجي پيو. هڪ رات به جيل ۾ گذاري نٿا سگھن. درجنن جي حساب سان لاتعلقيون ۽ استعيفائون اچي رهيون آهن. اسين اهڙين روايتن جا ڪنهن به طرح سان حمايتي ناهيون. هي غير سياسي ۽ غير جمهوري عمل آهن، جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. اوهان پنجهتر ورهين کان اهڙا تجربا ڪندا پيا اچو. اهڙن تجربن جو نتيجو تباهي ۽ برباديءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪونهي. اهڙن عملن سان ملڪ ۾ استحڪام اچڻ بجاءِ اڃان وڌيڪ انتشار پيدا ٿيندو. نوان بحران جنم وٺندا. ملڪ ترقي ڪرڻ بدران تنزل جو شڪار ٿيندو. هر ڪنهن کي پنهنجي مرضي ۽ ضمير مطابق سياست ڪرڻ جو حق حاصل هجڻ کپي. ها، جيڪڏهن ڪو تشدد جو رستو وٺي ٿو ته ان جي خلاف ملڪي قانون ۽ آئين تحت لازمي قدم کڻڻ کپي.

[email protected]