اچو ته پنهنجي ٻارن کي ڀٽائي پڙهايون

0
336

حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي دنيا جي شاعرن جو سرتاج آهي، هن پنهنجي شاعري ذريعي جيڪو انسانيت ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي دنيا جا ڪيترائي ملڪ انهي تي تحقيق ڪن پيا، هن جي شاعري جي هر هڪ سٽ تحقيق طلب آهي پر اسان وٽ ڀٽائي کي پڙهڻ توڙي پرکڻ جو رجحان گهٽجي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سماج ۾ هڪ طرف مذهبي انتها پسندي وڌي رهي آهي ته ٻئي طرف اسين پنهنجي وطن ۽ ڌرتي جي اجتماعي مفادن کي نظر انداز ڪري ذاتي مفادن ۽ انائن ۾ وڪوڙجي رهيا آهيون. اهڙي ئي دور ۾ تازو سگا پاران پنهنجي شاگردن لاءِ ڀٽائي بابت هڪ ڪتاب “اسانجو ڀٽائي” ڇپرايو ويو آهي، نامياري ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هن ڪتاب ۾ ڀٽائي جي شاعري کي آسان ۽ اڄ جي دور ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي ۾ ترتيب ڏنو آهي، جيڪو ڪتاب سگا جي روشن تارا اسڪولن ۾ ڇهين درجي کان ٻارهين درجي تائين جي شاگردن کي پڙهايو ويندو. هن ڪتاب ۾ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي سرن بابت سوال ۽ جواب ڏنا ويا آهن، يقينن ڪيترن ئي ماڻهن کي هن وقت به ڀٽائي جي سرن جي پوري پرک هوندي، اهي سمجهندا هوندا پر مون سميت ڪيترائي اهڙا ماڻهو به هوندا جن کي ڀٽائي جي ڪجهه سرن کانسواءِ اڪثر سرن جي خبر نه هوندي، جيتوڻيڪ اسان جي شاگردي واري زماني ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان هو ۽ اسين ڀٽائي جي رسالي سميت ڪيترائي ڪتاب پڙهندا هئاسين، شاعري ۾ خاصي دلچسپي هوندي هئي، انهي ڪري ڀٽائي جي ڪجهه شاعري ياد هوندي، پر اسانجي اڄوڪي ٽهي کي ڀٽائي جو هڪڙو بيت به ياد مشڪل سان ياد هوندو، جيڪڏهن ياد هوندو تڏهن به انهي جي معنيٰ ۽ مفهوم جي خبر ئي نه هوندي، اهڙي صورتحال ۾جيڪڏهن ڪو ڀٽائي تي مشتمل ڪتاب خاص ڪري شاگردن لاءِ نصاب جي صورت ۾ اچي ٿو ته اها خوشقسمتي هوندي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو مرحوم کي سنڌي ٻولي ۽ خاص طور ڀٽائي جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ مون سدائين سرگرم ڏٺو هو، مرحوم جي شخصيت سان ڪنهن کي اختلاف به ٿي سگهن ٿا، انسان ڪو به پرفيڪٽ ناهي هوندو، پر هن پنهنجي حياتي ۾ جيڪو سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪيو اهو اسان جي ايندڙ نسل لاءِ هڪ اهڙو ثمر آهي، جنهن کي سنڀالي پاڻ کي اڳتي انهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شخصيت ۽ ڪلام تي جيڪو لکيو ويو آهي، اهو به پاڻ سڀني جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو. شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي زندگي، انهن جي تعليم،سندس لقب، شاهه جي ستن سورمين، حسن ۽ عشق سميت سندس قلمي ڪردار تي مختصر ۽ جامع طور هن ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڀٽائي جي رسالي جي سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀاٽ، سامونڊي، سهڻي، سسئي آبري، سر معذوري، ڪوهياري ۽ حسيني سميت ڪافي سرن جا چونڊ بيت کڻي انهن جي سوالن ۽ جوابن تي مشتمل باب جوڙيا ويا آهن، اهڙي ريت وري سر ليلا چنيسر، مومل راڻو، مارئي، سر ڪاموڏ، سر گهاتو، ڪيڏارو، سورٺ، سر سارنگ، سر آسا، سر کاهوڙي. سر رامڪلي، ڪاڀائتي، پرڀاتي، سر بلاول سميت جيڪي ڀٽائي صاحب لکيو آهي، انهن جو مختصر احوال هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جنهن کي پڙهڻ سان اسان جي ايندڙ نسل کي پنهنجي وطن سان محبت جو نه رڳو احساس ٿيندو پر پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب سان پڻ سندن ميلاپ ٿيندو، جبر ۽ ڏاڍ سان مهاڏو اٽڪائڻ جو حوصلو ملندو ته ڪل ڪائنات ۾ امن پئدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو به ڍنگ سمجهه ۾ ايندو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ حب الوطني جي عظيم ڪردار مارئي بابت شاهه لطيف جي لکيل سٽن کي سمجهاڻي سان لکيو آهي جيڪو شاگردن کي ديس سان محبت جو درس ڏيندو،
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري،
حيف تنهي کي هوءِ وطن جن وساريو
هن بيت کي پڙهڻ سان جتي وطن سان محبت جو جذبو مضبوط ٿئي ٿو اتي وطن ۽ ڌرتي سان غداري ڪندڙن لاءِ طعنو به موجود آهي، حيف تنهي کي هوءَ وطن جن وساريو، انهن سٽن ۾ هڪ اهڙو طعنو ۽ تذليل انهن ماڻهن لاءِ آهي جن پنهنجي ڌرتي کي وساري انهي سان غداري ڪري منهن ڦيري ڇڏيو هوندو. مارئي ته ساهه جي آخري هڏڪي تائين به مارن سان بيٺل رهي ۽ عمر جي هر قسم جي آڇ کي رد ڪندي ثابت قدم رهي هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو، جنهن تي شاهه صاحب لکيو هو ته“ اي نه مارن ريت جو سيڻ مٽائين سون تي،” ته ڀٽائي جي سرن کي مختصر ئي سهي پر پنهنجي ايندڙ نسل تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ سگا جي جيڪا ٽيم آهي انهي جي اها ڪوشش قابل تحسين آهي، يقينن ڪنهن به ڪم جي لاءِ ڪو هڪ ئي فرد يا ادارو قدم اڳتي وڌائيندو آهي ۽ پوءِ انهي جي مثبت عمل کي ڏسندي ٻيا به انهي ۾ شامل ٿيندا آهن، سنڌ ۾ ڀٽائي جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ سان ئي مذهبي انتها پسندي سميت ٻين براين کي ختم ڪري سگهنداسين. انهي سلسلي ۾ پاڻ سڀني کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هونئن به اسين سڀئي سوشل ميڊيا تي سڄو ڏينهن موجود آهيون، ڀٽائي جا پارکو ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي وال تي ئي روزاني هڪ هڪ بيت شيئر ڪن۽ انهي جي معنيٰ ۽ مفهوم کي سولي سنڌي ۾ لکن ته ڪيترائي نوجوان ڀٽائي جي راهه کان واقف ٿي سگهن ٿا.