اچو ته دوستي ڪريون ..!!

0
195
سنڌ جي تبديلي جي واٽ .!!

 وڻ ۽ پکي پنهنجي پاڙيسرين جا دوست هوندا آهن باغ ۾ طرحين طرحين جا گل پوکيل هوندا آهن جڏهن بهار جي موسم ايندي آهي تڏهن سڀ ٽڙي پوندا آهن هو هڪٻئي جي سرهاڻ کي محسوس ڪري وڌيڪ سرها ٿيندا آهن هرڪنهن جي پنهنجي خوشبوءَ هوندي آهي سندن مٿان ڀنورا،ڀنڀوريون ۽ پوپٽ پيا ڦيرا پائيندا آهن هو هڪٻئي سان پنهنجو پيار ۽ سڳنڌ  ونڊيندا آهن سڀني جي سرور ڏيندڙ سنگت هوندي آهي هو نه هڪٻئي جا دشمن هوندا آهن نه هنن ۾ ڪو خوبصورتي جو مقابلو هوندو آهي نه ئي هو هڪٻئي سان ساڙ ۽ حسد ڪندا آهن. هنن جو بس هڪڙو ئي ڪم هوندو آهي ته سڄي باغيچي کي پنهنجي سرهاڻ سان معطر رکن ماحول کي حسين بڻائن، پکي ان سڄي مهڪيل ماحول کي ڏسي مست ٿيندا آهن ۽ پنهنجين مٺڙين ٻولين سان موسم کي رنگين ڪندا آهن هو نچندا ڳائيندا باغ جي ٽارين تي ٽلندا ۽ پاڻ ۾ گڏجي خوشيون ملهائيندا آهن. هو هڪٻئي جي جنڊا پٽ نه ڪندا آهن هو هڪٻئي کي اهو محسوس نه ڪرائيندا آهن ته مان وڏو ۽ سهڻو آهيان تون ننڍو ۽ ڪوجھو آهين. اها بيماري رڳو انسانن ۾ آهي اها انساني  شعور جي تمام هيٺاهين سطح آهي

جتي هڪٻئي سان سان مقابلو ڪري هڪٻئي کي مارڻ ۽ پاڻ کي معتبر ڏيکارڻ آهي. نفسيات جي ماهرن آڏو اهي ڪيفيتون ناچاڪي جي زمري ۾ اچن ٿيون، اهو نارمل سماجي وهنوار ناهي فطرت کي اسان سڀ نه صرف پنهنجي پنهنجي اک سان ڏسون ٿا پر پنهنجي بکايل اکين سان به پرکيون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته ان جو استعمال جيڪر مان وڌيڪ ڪريان. انساني حرص ۽ بک جو نظارو هرهنڌ پسي سگهجي ٿو هڪ عام بکئي انسان لاءِ ٻه مانيون ۽ ٿوري ڀاڄي کوڙ آهي جنهن سان هن جي بک ختم ٿي ويندي آهي پر اوهان شادي هالن ۾ ٿيندڙ تماشو ضرور ڏٺو هوندو جتي هڪ کان وڌيڪ طعام هوندا آهن ۽ خلق جيئن انهن تي حملا آور ٿيندي آهي سي منظر اسان جي پيٽ جي بک سان گڏ اسان جي ذهني خوف ۽ حرص جي به علامت هوندا آهن. انهن هالن ۾ اچڻ وارن جي اڪثريت سکي ستابي هوندي آهي پر هو هڪٻئي کي ڌڪا ڏيئي ٻوڙ جي ٻاٽن تي ايئن ڪرندا آهن جيئن بکايل ڪڪڙ ڪنهن گند تي ڪرندي آهي. اسان وٽ هڪٻئي کي نه سهڻ جي عادت آهي اسان پنهنجي صلاحيت جو جائزو وٺڻ کانسواءِ اهو چاهيندا آهيون ته اسان وٽ سڀ ڪجھه هجڻ گهرجي ٻئي وٽ جيڪو ڪجھه آھي اهو به اسان کي ملڻ گهرجي. ٻئي وٽ جيڪا شيءَ آهي تنهن کي برداشت نه ڪرڻ، ان جي صلاحيتن جو اعتراف نه ڪرڻ، ان سان ساڙ حسد دشمني رکڻ، ان کي نقصان پهچائڻ ۽ قتل ڪرڻ جهڙا جذبا جيترا سگهارا انسانن ۾ آهن ايترا ته جانورن ۾ به ناهن. هاڻوڪو وحشي انساني عمل ته زومبيز وارو ٿي ويو آهي.

سامراجي حريصن ۽ انهن جي دلالن ڌرتيءَ  تي رهندڙ سموري جيوت جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. خطرناڪ هٿيارن جو استعمال،قدرتي ماحول جو قتل عام چند چرين هوس پرستن سمورن انسان ذات جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. وافر مقدار ۾ خوراڪ هجڻ جي باوجود بک ۽ بدحالي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي عالمي حرامخورن جي حرامپائن سبب دنيا جنگين ۽ موت جي منهن ۾ آهي. انسان جي جسماني ضرورت تمام ٿوري آهي هن کي ماني لٽو اجهو ۽ دوا گهرجي ٿي جيڪا طبقاتي سماج ۾ حريص قوتن مشڪل بڻائي ڇڏي آهي. دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي ڪسمپرسي،خوف ۽ غيريقيني جو شڪار آهي سامراجي بيمارن سموري فطرت کي داو تي لڳائي ڇڏيو آهي…!

اسان کي فطرت مان سکڻ گهرجي پکين، گلن، ٻوٽن، جيتن جڻن ۽ جانورن مان پرائڻ گهرجي. اسان جي شعوري سطح تمام گهڻي گهٽجي وئي آهي هڪ پاسي انسان ترقي طرف وڃي رهيو آهي ٻئي طرف اسان تنزلي طرف وڌي رهيا آهيون ان جو هڪڙو ئي حل آهي اچو ته سڀ ويڇا وساري پاڻ ۾ دوستي ڪريون هڪٻئي جي وجود ۽ ذهن کي قبول ڪريون هڪٻئي سان پيار ڪريون هڪٻئي کان سکئون ۽ سمجهون ته جيئن حريص حڪمرانن خلاف لاڀائتي ۽ ڀرپور جدوجهد ڪري ڌرتيءَ جي وڃايل خوبصورتي واپس ورائي سگهون. امن،محبت ۽ ڀائچاري جو ٻج پوکي سگهون ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل هڪ بهتر زندگي گذاري سگهي. اچو ته پاڻ ۾ دوستي ڪريون اچو ته هڪ ٿيون مڙي مٺ ٿيون ۽ ڌرتيءَ کي سموري جيوت لاءِ پرامن بڻائڻ جي گڏيل جدوجهد ڪريون !.