ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) ملڪ جي نامور صحافين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سگهاري صحافت رڳو سنڌي ميڊيا ۾ ٿي رهي آهي، اردو  ميڊيا ۾ رپورٽرن سان گڏ مالڪن جي نه بيهڻ سبب ڪيترائي رپورٽر  توازن برقرار نه رکي سگهيا ۽ اهي فيلڊ ئي ڇڏيا ويا، يا کين ڪڍيو ويو، ادارن مان ايڊيٽر جي جاءِ تي مالڪن جي اچڻ بعد اردو اخبارون هاڻي بزنس طرف وڌيڪ ڌيان ڏين ٿيون، ڪالهه آرٽس ڪائونسل ۾ جاري 15هين  عالمي اردو ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي”  اردو صحافت ڪي دو صديان” جي عنوان هيٺ ٿيل سيشن ۾ نامياري صحافي سهيل وڙائچ، مظهر عباس، طاهر نجمي ۽ٻين چيو ته اردو صحافت اڄ کان 50 سال اڳ واري صحافت بهتر هئي، سهيل وڙائچ چيو ته اردو صحافت جي تاريخ وڏي آهي، پر اردو صحافت سدائين دٻاءُ هيٺ رهي آهي، مظهر عباس چيو ته ايڊيٽر جو ڪردار اخبارن مان ختم ٿي ويو آهي، مالڪ انهي جي جاءِ تي اچي ويا آهن، هاڻي مالڪ بزنس کي ڏسن ٿا اهو رپورٽنگ تي اثر انداز ٿئي ٿو، هڪ اهڙو وقت به آيو، جنهن ۾ هڪ سياسي پارٽي  دٻاءُ وڌو ته اسان جي پريس رليز پريس رليز نه پر رپورٽر جي نالي سان هلندي، اردو اخبارون وڏي دٻاءُ جو شڪار رهيون آهن، حامد مير انهي جو مثال آهي، هتي ڏنڊي تبديل ٿيڻ سان ئي پاليسي تبديل ٿئي ٿي، اخبار کي ماڻهو سنجيدگي سان وٺن ٿا، ٽي وي تي هاڻي رڳو شور ٿين ٿا، ايڊيٽوريل ڪو گهڻو اثر انداز نٿي ٿئي، هاڻي سٺا صحافي آيا آهن، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مضبوط ۽ نظرياتي  صحافي سنڌي اخبارن ۾ آيا آهن، اردو ۾ گهڻن صحافين مزاحمت ڪئي پر ڪيترائي منهن ڏئي نه سگهيا، اردو اخبارن جا مالڪ رپورٽرن سان گڏ ايئن نٿا بيهن جيئن حامد مير سان بيٺل رهيا آهن.