اڄ صبح کان جٿن طرفان ڪيل حملن ۾ 6 اهلڪار شهيد، ڪيترائي زخمي: فردوس اعواڻ

0
486

لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڄ صبح نوان ڪوٽ پوليس اسٽيشن تي هڪ جٿو حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ۽ 7 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جٿو هڪ ڊي ايس پي سوڌو 12 اهلڪارن کي اغوا ڪري پنهنجي مرڪز کڻي ويا، فردوس عاشق ٽويٽ ڪندي چيو آهي ته جٿو پيٽرول بم ۽ تيزاب سان ليس هو، جوابي پوليس ۽ رينجرز طرفان ڪارروائي دفاع ۽ پوليس اهلڪارن کي بچائڻ لاءِ ڪئي وئي.