ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪنهن اعظم سواتي کي اگهاڙو ڪري تشدد ڪيو. ان سان ملڪ بدنام ٿيو آهي ته ملڪ جي سينيٽر کي اگهاڙو ڪري تشدد ڪيو. ان تشدد تي خاموش رهندڙ قوم جا مجرم آهن، ان جو ذميوار هڪ شخص آهي جيڪو جڏهن کان مقرر ٿيو آهي اهڙا واقعا ڪرائي رهيو آهي. ان کان عمران خان خلاف بيان وٺرايا ويندا آهن. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته ننڍي چونڊ جون سموريون سيٽون کٽي وينداسين هي ڌانڌلي کانسواءِ ڪا سيٽ کٽي ئي نٿا سگهن. ان جو ماسٽرمائينڊ سڪندر سلطان هوندو. 10 هزار ووٽ جعلي داخل ڪرايا ويندا آهن اليڪشن ڪميشن جا ماڻهو اندر کان ٻڌائيندا آهن ته جعلي ووٽ وڌا ويندا. هن چيو ته چونڊن بعد لانگ مارچ ڪيو ويندو. لانگ مارچ به آڪٽوبر ۾ ئي ٿيندو پر تاريخ ان وقت ڏيندس جڏهن تياريون مڪمل ٿي وينديون، هڪ ڏينهن اڳ به اعلان ڪري سگهان ٿو. هن چيو ته مون کي حڪومت جي ڪنهن به فيصلي جو انتظار نه آهي. چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪن ته لانگ مارچ نه ٿيندو پر مون کي خبر آهي ته هي اعلان نه ڪندو ڇاڪاڻ ته هي چونڊن کان ڊنل آهن. مون کي نااه قرار ڏياري پوءِ اليڪشن جو اعلان ڪندا. هن چيو ته نواز شريف ايندو ته منهنجو فائدو ٿيندو، نواز شريف ۽ زرداري کي هميشه پنهنجا جج کپن نه ٿو چاهيان ته هي آرمي چيف کي مقرر ڪن. آرمي چيف جي مقرري اشو ئي نه هجڻ گهرجي.