“اڄ” ازل کان نئون آھي

0
210
انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز

ڪائنات جي ابتدا چاھي سببن ۽ نتيجن تحت ٿي ھجي، يا وري“ڪن فيڪون” تحت ٿي ھجي، چاھي ڪائنات جو ماضي ۽ مستقبل اربن سالن تائين محيط ھجي يا وري پدمن سالن تائين محيط ھجي، چاھي ڪائنات ۾ زندگيءَ نامياتي مخلوقات جي قسمن تي مشتمل ھجي يا وري غير نامياتي ذرن جھڙوڪ ائٽمن ۽ ماليڪيولن تي مشتمل ھجي، چاھي ڪائناتي سچائي ھڪ ھجي يا وري سچائيون ھڪ کان وڏيڪ ھجن، چاھي ڪائناتي سچائي انساني سمجھه ۾ ايندڙ ھجي يا وري انساني سمجھه کان ٻاھر ھجي، پر اھو طئي آھي ۽ ان کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگھي ته “اڄ” جي پنھنجي اھميت آھي ۽ “اڄ” ازل کان نئون آھي!

                 ٻوليدان ۽ ٻولي جي سکندڙن مطابق زمانا يا وقت ٽي ھوندا آھن: ماضي، حال ۽ مستقبل. پر اصل ۾ ھڪ ئي زماني ھڪ يعني زمان حال يا “اڄ” مان ئي ٻيا زمان ڦٽن ٿا. ماضي ڪجھه به نه آھي پر اسان جو گذري ويل “حال” آھي، ساڳيءَ طرح سان مستقبل پڻ ڪجھه نه آھي پر اھو “حال” آھي جيڪو اڃا آيو نه آھي. انسان جي انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ ۾ جيڪا اھميت “اڄ” کي حاصل آھي اھا ماضيءَ يا مستقبل جي حصي ۾ نه اچي سگھي آھي. ھڪ انسان جو، ھڪ خاندان جو، ھڪ قبيلي جو ۽ ھڪ قوم جو اڄ ان جي ماضيءَ توڙي مستقبل تي اثرانداز ٿيندو آهي. ڪنھن فرد يا قوم جي جيڪڏھن “اڄ” اک پٽيل آهي ته ان جو مستقبل پڻ بھتر ھوندو ۽ ان مستقبل ۾ وري سندس ماضي پڻ قابل ستائش ۽ سجاڳ ھوندو. اک پٽيل ھجڻ يا سجاڳ ھجڻ جو مطلب يووال نوح ھراري جي پيش ڪيل ٽن سچائين جھڙوڪ معروضي (objective)، موضوعي (subjective) ۽ بين الافرادي (intersubjective) مطابق ٽن مختلف قسمن جو ٿي سگھي ٿو.

معروضي لحاظ يا اک پٽيل ھجڻ يا سجاڳ ھجڻ جو مطلب اهو آهي ته سڀ کان پھريان ڪنھن فرد يا قوم جي انفرادي يا اجتماعي سجاڳي جا معيار مقرر ڪجن جھڙوڪ اھو فرد يا قوم ڪيتري روشن خيال، ترقي پسند ۽ معاشي طور مضبوط آھي وغيرہ. پوءِ دنيا انھن کي انھن معيارن ۽ پيمانن تي پرکي ۽ ثبوت گڏ ڪري. ھاڻي ثبوتن جي بنياد تي دنيا چوي ته اھو فرد يا اھا قوم سجاڳ آھي ته اھا آھي معروضي سچائي. ان جي ابتڙ موضوعي سچائي لاءِ ٻين ماڻھن يا دنيا طرفان ڪا به چڪاس، ثبوت ۽ راءِ وغيرہ اھم نه ھوندا آھن پر ان لاءِ اھو ڪافي سمجھيو ويندو آھي ته اھو فرد يا قوم پاڻ کي سجاڳ سمجھي يا سمجھڻ جي دعويٰ ڪري. جڏھن ته بين الافرادي سچائي مان مطلب اھو آھي ته ٻيا ماڻھو يا دنيا جا ماڻھو اتفاق راءِ سان چون ته اھو فرد يا اھا قوم سجاڳ آھي پر ان لاءِ ڪنھن معروضي چڪاس يا پرک جي ضرورت نه ھوندي آھي. مطلب ته بين الافرادي سچائي جوڙڻ لاءِ ڪنھن نه ڪنھن عقيدي يا گڏيل مفادن تحت اھڙو عام رايو ۽ تعاون جوڙيو ويندو آھي.

ماضي، حال ۽ مستقبل منجھان فقط حال يا “اڄ” ئي نئون ۽ زندگيءَ سان ڀرپور آھي باقي ٻئي مئل، بيجان ۽ ان تي ڀاڙيندڙ آھن. “اڄ” جو تجزيو جيڪڏھن نامياتي زندگيءَ جھڙوڪ انساني، حيواني ۽ نباتاتي جاندارن ۾ ڪيو وڃي يا وري غير نامياتي زندگيءَ جي نمونن جھڙوڪ ائٽمن، ماليڪيولن، ڍنڍن، دريائن، ڌرتي، چنڊ، تارن، سورج منڊلن، ڪھڪشائن وغيرہ جي حوالي سان ڪيو وڃي ته ڪائنات جو ھر لقاءُ ھر لمحي نئون ۽ نئين زندگيءَ سان ڀرپور ملندو. مثال طور اسان کي ميڊيڪل سائنس اھو ٻڌائي ٿي ته اسان جي جسمن ۾ جيوگھرڙن يعني خلياتي سطح تي ھر وقت ۽ ھر لمحي ميٽابولزم يا تعمير ۽ تخريب جا عمل ٿيندا رھندا آھن. نتيجي۾ ھر لمحي چمڙيءَ، رت، ماس ۽ ھڏي جا ھزارين جيوگھرڙا فنا ٿيندا آهن ته وري اوترا ئي نوان جيوگھرڙا انھن جي جاءِ وٺندا آھن ۽ اھو ڪم ڪرڻ شروع ٿي ويندا آھن. ان ڪري ھر ڏينھن، ھر ڪلاڪ، ھر منٽ ۽ ھر سيڪنڊ ۾ اسان پاڻ ھڪ نئين ماڻھو يا نئين انسان طور جنم وٺندا رھندا آھيون ۽ نئين زندگي پيا ماڻيندا ھوندا آھيون.

مذھبي حوالي سان پڻ اسان کي اھو ٻڌايو ويندو آهي ته ننڊ موت جو ھڪ روپ آھي، ان ڪري صبح جو ننڊ مان اٿڻ جو مطلب اھو آھي ته اسان کي ھڪ نئين ڏينھن لاءِ ھڪ نئون جسم ۽ نئين زندگي نصيب ٿي آهي جنھن لاءِ اسان کي شڪر ادا ڪرڻ گھرجي. ان کان سواءِ اسان کي خدا طرفان رزق (زندگي کي روان دوان رکڻ لاءِ ھر ننڍي توڙي وڏي شيءَ ۽ نعمت جھڙوڪ ڪشش ثقل، آڪسيجن، پاڻي، کاڌو ۽ ان وسيلي ملندڙ ۹۲ قدرتي عنصر جھڙوڪ سوڊيم، پوٽيشيم، لوھه، جست، ٽامو، چاندي، سون، ڪيلشيم، نائيٽروجن، فاسفورس وغيرہ) ميسر ھجڻ تي ان جو شڪرگذار رھڻ گھرجي.

غير نامياتي مادي جھڙوڪ ائٽمن ۽ ماليڪيولن توڙي ڌرتي، چنڊ، سج ۽ تارن وغيرہ جي حوالي سان پڻ “اڄ” اوترو ئي نئون آھي. “اڄ” اصل ۾ ڌرتي تي گذرندڙ وقت کي ظاھر ڪندڙ ۽ ان جي پيمائش ڪندڙ اوزار آھي. ان جو نئون ھجڻ ھيئن بيان ڪري سگھجي ٿو: اسان ڌرتي تي رونما ٿيندڙ لقائن کي وقت جي وٿي ۾ سندن ابتدا ۽ انتھا جي ٺيڪ پيمائش پنھنجي واچ يا گھڙيال جي وقت سان ڪندا آھيون. گھڙيال جو اھو وقت اصل ۾ نسبتي آھي جيڪو زمين جي پنھنجي مدار ۽ سج جي چوڌاري گردش سان نسبت رکي ٿو. سائنس اسان کي ٻڌائي ٿي ته اسان جي ڌرتي اسان جي سورج منڊل جي اٺن ڀاتين (گرھن) مان ٽيون نمبر ڀاتي آهي جنھن کي پنھنجو ھڪ قدرتي چنڊ (اپگرہه يا ٻچو) پڻ آھي. چنڊ پنھنجي ماءُ جي يعني اسان جي ڌرتيءَ جي چوڌاري پيار مان لامارا ڏيندو رھي ٿو يا گردش ڪري ٿو؛ ڌرتي وري چنڊ کي ساڻ وٺي سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي؛ سج وري ڌرتيءَ سميت پنھنجن اٺن ڀاتين ۽ انھن جي ٻچڙن (چنڊن) کي ساڻ ڪري اسان جي کير-ڌارا ڪهڪشان جي چوڌاري گردش ڪري ٿو؛ کير-ڌارا ڪهڪشان ۽ اھڙيون ڪجھه ٻيون ڪهڪشائون وري پنھنجن ڪٽنبن کي ساڻ ڪري ھڪ بليڪ ھول جي چوڌاري گردش ڪن ٿيون. ڪائنات ۾ ڪھڪشائون ۽ بليڪ ھول ھزارين نه پر اربين ۽ کربين آھن. انڪري “اڄ” يا اڄوڪو ڏينهن، ڪلاڪ، منٽ ۽ سيڪنڊ جو لقاءُ ڌرتي ۽ ڪائنات جي تناظر ۾ بلڪل نئون ۽ انوکو آھي جيڪو ساڳي صورت ۾ وري ڪڏھن به نروار نه ٿي سگھندو.

وقت ڪائنات جي تناظر ۾ نسبتي آھي. ان جو مطلب اهو آهي ته ڌرتيءَ تي وقت ان کي گردش جي حساب سان مخصوص رفتار ۾ ھلندڙ آھي جڏھن ته ڪنھن ٻئي سياري تي مختلف رفتار سان ھلندڙ آھي. ٻين لفظن ۾ ته وقت ڪٿي منڊي ماڪوڙي مثل چرندڙ آھي ته ڪٿي وري روشنيءَ جي رفتار سان ڌوڪيندڙ آھي. وقت جي شروعات اصل ۾ ڪنھن سياري يا آسماني جسم جي ٺھڻ ۽ ھلڻ سان واسطو رکي ٿي. انساني تاريخ جيئن ته ڌرتيءَ جي ابتدا ۽ ارتقا جي لحاظ کان تمام گهڻو مختصر ۽ تمام گهڻو ويجھي آھي انڪري ڌرتي تي وقت جي نسبت پڻ ويجھڙائي ۾ ظاھر ٿيندڙ ھڪ لقاءُ يا تاريخي واقعي يعني حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيدائش سان لاڳاپيل آھي. ٻين لفظن ۾ ان واقعي بدولت قبل از مسيح ۽ بعد از مسيح سالن جي شروعات ٿي. ساڳي ريت ڌرتي جي گولي کي ماپڻ لاءِ پڻ فرضي ليڪ خط استوا ۽ بين الاقوامي تاريخ جي ليڪ وسيلي زمين جي بيھڪ ۽ زمين تي ڏينھن ۽ رات جي شروع ٿيڻ ۽ انھن جو وقت ماپڻ جي شروعات ٿي (ڌرتي تي ھڪ ئي وقت ۾ ڏينھن ۽ رات توڙي سيارو ۽ اونھارو موجود ھوندو آھي.)

مطلب ته ھڪ فرد توڙي ھڪ قوم لاءِ “اڄ” ھڪ نعمت آھي، ھڪ موقعو آهي ۽ ھڪ نئين زندگي آھي. ان ڪري جنھن فرد يا قوم “اڄ” اک نه پٽي ته ان نه رڳو پنھنجي “اڄ” کي برباد ڪيو پر ان پنھنجي ماضي ۽ مستقبل کي پڻ برباد ڪيو. ھن مقابلي جي دور ۾ اسان لاءِ اھو ضروري آھي ته اسان پنھنجن انفرادي توڙي اجتماعي لاڙن جي پيش نظر سائنس ۽ آرٽ جي نون علمن حاصل ڪرڻ ۾ سچي دل سان جنبي وڃون. ان ۾ ئي اسان جي بقا ۽ ترقي آھي!