نئين دهلي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار اڀيشڪ ڪم سان گڏ پنهنجو عهدو به خوب نڀايو آهي، هو ٻانهن ڀڳل هجڻ باوجود ڪم تي پهتو. اڀيشڪ بچن پرو ڪبڊي ليگ ۾ جئه پور پنڪ پينٿرز جو مالڪ آهي، هن ايونٽ بابت پنهنجون تصويرون پوسٽ ڪيون آهن.  تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو اڀيشڪ بچن جي ٻانهن ۾ فريڪچر آهي، جنهن تي پٽي به ٻڌل آهي. اهڙي پوسٽ تي اڀيشڪ جي ڀيڻ نينا بچن ۽ ڀيڻيوي ڪنال ڪپور نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.  واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڀيشڪ ٻڌايو هو ته چنئي ۾ سندس فلم جي سيٽ تي هڪ حادثو پيش آيو هو،جنهن سبب سندس هٿ ۾ فريڪچر ٿيو هو.