ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊسڪه جِي ننڍي چونڊ ۾ جمهوريت کٽي وئي، پنجاب ۾ ايندڙ چونڊن ۾ نون ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ سخت مقابلو ٿيندو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن ڌرڻن بدران پارليامينٽ ۾ اچي، چونڊ سڌارن سميت ٻين معاملن تي سڌارن لاءِ تيار آهيون، ايف آءِ اي شهزاد اڪبر سان زيادتي ڪري رهي آهي، شيخ رشيد چيو ته سنڌ ۾ بنگالين ۽ بيهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو وزير اعظم ڪندو.