اپوزيشن وارا چاهين ٿا ته عمران خان جي مٿي تي رکيل هٿ سندن مٿي تي اچن:شيخ رشيد

0
323
وزيراعظم ٻئي ڪنهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ اپوزيشن وارا چاهين ٿا ته عمران خان جي مٿي تي رکيل هٿ سندن مٿي تي اچن، اُهي هٿ سِر تي نه، پر سندن ڳچي ۾ ايندا

پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو تھ ڳالهيون ۽ ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، عمران خان پنج سال پورا ڪندو، حڪومت عوام لاءِ بھتر ڪم ڪيا آھن

 وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته خبر اٿئون ته نواز شريف برسات ٿيڻ جي انتظار ۾ آهي، مستقبل ۾ سندس سياست نه ٿو ڏسان، پاڪستان جي سياست مان چارئي شريف مائينس آهن، ماڻهو هنن چورن کي جيل ۾ ڏسڻ گهرن ٿا، عوام کي عمران خان مان اُميد آهي ته لُٽيل ناڻو واپس آڻيندو، واڳن ۽ گينڊن سوڌو سڀ پڪڙ ۾ اچي ويندا