اپوزيشن جي احتجاج باوجود سينيٽ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل منظور ڪري ورتو

0
270
اپوزيشن جي احتجاج باوجود

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن اڪثريت باوجود سينيٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، سينيٽ ۾ اڪثريتي راءِ سان ترميمي بل منظور ڪيو ويو، بل جي حمايت ۾ 43 ۽ مخالفت ۾42 ووٽ پيا، اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ نه پهتو

 مشاهد حسين ڪورونا ۽ نزهت صادق ڪئنيڊا ۾ هجڻ نه آيا، اي اين پي سينيٽر بل تي ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ بدران ايون مان نڪري ويو، سينيٽ چيئرمين ۽ آزاد گروپ جي اڳواڻ دلاور خان بل جي حمايت ۾ ووٽ ڏنا، بل جي منظوري دوران اپوزيشن جو احتجاج ۽ گوڙ ڪيو، ميمبرز ايجنڊا جون ڪاپيز ڦاڙي ڇڏيون، سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس اڳيان بيهي نعريبازي ڪئي وئي

اپوزيشن اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي منظوري ۾ سينيٽ چيئرمين کي ڌُر قرار ڏئي ڇڏيو آھي، سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 4 اپوزيشن ميمبرز نه آيا، چيئرمين غيرجانبدار هوندو آهي پر هُن حڪومت کي ووٽ ڏنو

 سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته حڪومت نمبر گيم پوري ڪرڻ لاءِدير جا حربا استعمال ڪيا، سينيٽ چيئرمين حڪومت جي سهولتڪاري جو ڪم ڪيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته آئون سهولتڪاري نه پيو ڪريان، حڪومت بل کي ايجنڊا ۾ نه رکيو ته ڇا ٿو ڪري سگهان

 مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته صورتحال مزيدار آهي، ايندڙ 5 سال به عمران خان جي حڪومت هوندي، عوام کي خبر پئجي وئي ته سندن خوابن جا لٽيرا ڪير آهن

ھي به پڙھندا

سيينٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل پيش نه ٿيڻ تي اپوزيشن جو احتجاج