اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌ ٿي وئي آهي، شماريات کاتي جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ هن وقت مهانگائي 14 مهينن جي بلند ترين شرح تي پهچي وئي آهي. شماريات کاتي موجب اپريل ۾ مهانگائي وڌي11.10 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته مارچ جي ڀيٽ ۾ اپريل ۾ مهانگائي ۾ 1.03 سيڪڙو اضافو ٿيو. شماريات کاتي موجب مارچ ۾مهانگائي جي شرح 9.1 سيڪڙو هئي، جڏهن ته جولاءِ کان اپريل تائين 8.62 سيڪڙو تي پهتل هئي. اپريل ۾ ڀاڃيون 29.55 سيڪڙو مهانگيون ٿيون ۽ ساڳئي مهيني يعني اپريل ۾ ميوا 22.32 مهانگا ٿيا، ان کان سواءِ کاڄرو تيل 2.99، گوشت 1.64 سيڪڙ مهانگو ٿيو.