لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن عرفان جتوئي، جنيد جروار، ڪجلو مغيري، مرتضيٰ لاشاري ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ سميت سڄي ملڪ اندر اٽي جي شديد بحران جو خدشو آهي، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته ڪڻڪ جو سرڪاري اگھه مقرر ٿيڻ باوجود هن وقت تائين حڪومت طرفان خريداري لاءِ سينٽر مقرر ناهن ڪيا ويا ۽ نه ئي وري آبادگارن کي بارداڻو ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي آبادگارن وٽان ڪڻڪ نڪري واپارين ڏانهن وڃي رهي آهي، هنن چيو ته هن وقت آبادگارن وٽ صرف 30 سيڪڙو ڪڻڪ بچي آهي، گهٽ اگھه تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ سان آبادگارن جا فصل تي ٿيل خرچ به نٿا نڪرن، هنن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ افراتفري جو ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن سان اٽي جون قيمتون تمام گهڻيون وڌي سگهن ٿيون، هنن چيو ته زراعت ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، جنهن طرف حڪومت جو ڪو به ڌيان ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪڻڪ خريداري جا مرڪز کوليا وڃن.