اسلام آباد (م ڊ) اٽي جي قيمت ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، شماريات کاتي اٽي جي قيمتن جا انگهه اکر جاري ڪري ڇڏيا. شماريات کاتي موجب ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 2400 رپين تائين پهچي ويو آهي. شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۾ اٽو 120 رُپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، 15 ڏينهن دوران ڪوئيٽا ۾ اٽي جو ويهه ڪلو وارو ٿيلهو وڌيڪ 480 رُپيا مهانگو ٿيو، جڏهن ته ڪراچي ۾ پندرنهن ڏينهن دوران ويهه ڪلو وارو ٿيلهو وڌيڪ 260 رُپيا مهانگو ٿيو. شماريات کاتي موجب حيدرآباد ۾ اٽي جو ويهه ڪلو وارو ٿيلهو 2260 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته خضدار ۾ 2200، لاڙڪاڻي ۾ 2100 رُپين تائين آهي، سکر ۾ ويهه ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2040 رپين تائين ملي رهيو آهي. شماريات کاتي موجب بنون ۾ ويهه ڪلو اٽي وارو ٿيلهو 1950 رُپين تائين وڪرو ٿيڻ لڳو.