اٽي جا وڌندڙ اگھه ۽ غريب عوام

0
186
اٽي جا وڌندڙ اگھه ۽ غريب عوام

 اڄ ڪلھه سنڌ سميت پوري ملڪ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو “ اٽو ” بڻجي ويو آهي اٽو جيڪو انسانن لاءِ بنيادي ضرورتن مان ھڪ اھم ۽ ضروري خوراڪ آهي جيڪا اميرن سان گڏ غريبن کي ملڻ ضروري ھوندي آھي وڏي ڳالهھ ته اسان جو ملڪ زرعي ھجڻ ڪري ڪڻڪ وڏي تعداد ۾ ٿيندي آهي پر افسوس ته حڪمرانن جي غلط فيصلن سياسي اختلافن جي ڪري غريب مسڪين ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. جيئن اڄ ڪلھه ھر جڳهھ تي اٽي جو بحران لڳو پيو آهي يا وري ڪٿي اٽو ملي پيو ته اٽي جو اگھه چوٽ چڙهيل آهي جنھن جي ڪري غريب مسڪين ماڻهو سخت تڪليفن پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. خاص ڪري وقت جي حڪومتن سميت اعليٰ آفيسرن جي عدم دلچسپيءَ سبب دڪانن چڪي مالڪن يا وري فلور ملز تي اٽي جا اگھه مختلف ھلي رھيا آھن جنھن کي سمجھڻ غريبن جي وس جي ڳالھه ناهي. ھڪ پاسي سنڌ حڪومت فلور ملز کي اٽي تي سبسڊي ڏئي سندن ڪوٽا ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري اٽي جو سرڪاري ريٽ 65 روپيا ڪلو مقرر ڪيو ويو. ھاءِ ڪورٽ سنڌ پڻ اٽي جو ساڳيو اگهه  قائم رکڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو پر افسوس ته اھڙن اعلانن تي به صرف ڪجھه ڏينهن عمل ڪري غريبن مسڪينن کي سستو اٽو فراهم ڪيو ويو جيڪو به رش ۾ زوري وٺڻو پئجي رهيو هو جنهن ۾ هڪ ڄڻو لتاڙجي فوت به ٿي ويو پر افسوس ته اچانڪ الائي ڇا ٿي ويو نه سنڌ حڪومت جو ڪو نوٽيفڪيشن نڪتو نه وري ڪنھن وزير مشير طرفان اٽي جي اگھه ۾ واڌ ڪرڻ جو ڪو اعلان سامھون آيو، خبر ناهي ڇا ٿي ويو جو رات جي اونداھيءَ ۾ ڊي سي صاحبان ۽ فلور ملز مالڪ سرڪاري سبسڊي جو فائدو وٺندي وقت جي حڪومت سان گڏ عدالت سڳوري جا حڪم رد ڪندي پنھنجا نوان ريٽ مقرر ڪري غريبن مسڪينن کي ٻنھي ھٿن سان لُٽي ڦُري رھيا آھن. جيڪڏھن شھر اندر دڪانن جو ريٽ لکجي ته اُھو به ڊبل ريٽ ۽ ھڪ ٻئي کان مختلف ھجي ٿو ،وري جيڪڏهن چڪي مالڪن جو اگھه لکجي ته اُھو اڃا به مختلف ۽ حڪومت جي ريٽ کان مٿي ھوندو آھي. ھتي ھڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڊي سي صاحبان رات جي اونداھيءَ ۾ صرف ھڪ ڪلو تي 30 روپيا ريٽ وڌائي وقت جي حڪومتن سان گڏ عدالت سڳوري جي حڪم نامي کي ڇو رد ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا ضلعي جا مالڪ ڊي سي صاحبان وقت جي حڪومتن سان گڏ عدالتن کان مٿي آھن جيڪي انھن جي حڪم تي عمل ڪرڻ بجاءِ پنھنجا بادشاهي فيصلا ڪري عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ سندن مشڪلاتن ۾ ٻيڻو اضافو ڪري رهيا آهن جنھن سبب غريب مسڪين ماڻهو سخت تڪليفن پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن سندن جيئڻ جنجال بڻجي رھيو آھي. غريب مسڪين ماڻهن جي لاءِ زندگي گذارڻ مشڪل بڻجي رھي آھي جيڪڏهن غريب مسڪين ماڻهو 500 ڏھاڙي ڪمائي ته صرف اٽي وٺڻ ۾ پورو آهي باقي ان وٽ ايترا پئسا نه بچندا آهن جنھن سان مزدور ماڻهو ٻيو ڪجھه خريد ڪري سگھي. حقيقت آهي ته 100 روپيا ڪلو اٽو ھلي رھيو آھي روزاني 3 کان چار ڪلو اٽو وٺي ته باقي غريب مسڪين ماڻهو وٽ گھڻا پئسا بچندا جنھن سان گھر جو ٻيو ڪو سودو وٺي سگھندو. ان جي ڪري وقت جي حڪومتن سان گڏ عدالتن کي ڊي سي صاحبان طرفان ھٿرادو مقرر ڪيل اٽي جي وڌندڙ اگھن تي نوٽيس وٺي اٽي جو پراڻو ريٽ بحال ڪري غريب مسڪين ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي جيئن غريب مسڪين ماڻهو ٻه وقت جي ماني آساني سان کائي سگھن. وقت جي حڪومتن کي گھرجي ته مختلف شين تي سبسڊي ڏيڻ بجاءِ غريبن مسڪينن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ آفيسر طبقو ۽ بيوروڪريسي تي دٻاءُ رکي انھن کي سرڪاري ريٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ جو پابند بڻايو وڃي ته عوام کي رليف ملي سگهي ٿو. ھر کاتي جي وزير مشير کي سخت ھدايت ڪري روزاني جي بنياد تي اگھن جي جاچ ڪري يا وري مارڪيٽن اندر ريٽ لسٽون چيڪ ڪن ته سبسڊي ڏيڻ کان سواءِ غريب عوام کي بھترين رليف ملي سگهي ٿو پر افسوس ته اسان وٽ حڪومت سان گڏ وزير مشير اي سي ڊي سي مختيارڪار بيوروڪريسي سڀ پنھنجي پاڻ کي بادشاھه سلامت سمجھي صرف اعلان ۽ حڪم ناما جاري ڪري ڇڏيندا آهن باقي عملي طرح پنھنجي وزارتن توڙي نوڪرين جي ڪمن ڪارن ۾ کين ڪا دلچسپي نه ھوندي آھي جنھن  ڪري غريب مسڪين ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. حڪمرانن سميت اعليٰ آفيسرن کي گھرجي ته روزاني جي بنياد تي مارڪيٽن اندر ريٽ لسٽون چيڪ ڪري غريب مسڪين ماڻهن کي رليف مھيا ڪيو وڃي ته غريب ماڻهو زندگي آساني سان گذاري سگھن ٿا. جيڪڏهن وقت جي حڪومتن سان گڏ اعليٰ آفيسر سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪندا ته وڌندڙ مھانگائي جي ڪري معاشري اندر بدامني بک بدحالي ۽ خودڪشين جي واقعن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو جنھن تي ھينئر سان ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي.

[email protected]