ڪراچي (نمائندن وٽان)  اٽو مهانگو ٿيڻ، هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهر ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ھالا ۾ اٽو مھانگو ٿيڻ خلاف ايڪشن ڪميٽي يونين ڪائونسل ڪرم خان نظاماڻي طرفان بھار سھتو، سلمان لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. چمبڙ ۾ اٽي جي ھٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف مزدورن پاران ھادي بخش ڌڻي، بخش، نياز ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ھڱورجا ۾ سنڌ امن پرست پارٽيءَ جي سڏ تي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ اٽي جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ خلاف باغي سجاد بلوچ، آصف بلوچ، سمر بلوچ، شھبان سولنگي، بيربل مارواڙي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.راضيديرو ۾ به اٽو 140 رپيا في ڪلو وڪامڻ لڳو. مقامي رهواسين ۽  سماجي اڳواڻن علي رضا جکڙ، اصغر علي آرائين، راجا ڪوري ۽ ٻين سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته راضيديرو ۾ سستي اٽي جو اسٽال لڳائي غريبن کي رليف فراهم ڪيو وڃي.خيرپورناٿن شاھ ۾ طبقاتي جدوجهد، پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپئين طرفان اٽي جي ھٿرادو بحران ۽ وڌايل مھانگائي خلاف طبقاتي جدوجهد جي فياض چانڊيو، اعجاز ٻٻر، سھيل چانڊيو، عيسئ چانڊيو ھمالي مزدور اڳواڻ وزير گاڏھي پورھيت مزاحمت جي ماجد ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي پاسي شھرين ھٿن ۾ سڪل ماني کڻي عزيز جمالي، عابد سومرو، امتياز چانڊيو، ظھير سومرو ۽ سڄڻ چنا جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو.ٺل ۾ شهرين مير حسن ٻرڙو، ظفر لاشاري، محمد بخش بروهي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ڪشمور ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن افضل عطا ڪلوڙ، حاجي عبدالفتاح کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.ميروخان ۾ جسقم ڪارڪنن ۽ شهرين ڪامريڊ صوبدار جتوئي، محمد حسن جتوئي ، رضوان تونيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ٻي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.شھدادڪوٽ ۾ سوشل ورڪر ۽ بئريسٽر ٽيم جي اڳواڻن پاران الڳ الڳ ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.جيڪب آباد ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن سڪل ماني ۽ گاھ ھٿ ۾ کڻي ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام الدين مستوئي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. قمبر ۾  پ پ شھيد ڀٽو ڪارڪنن ۽ شھرين شوڪت چانڊيو، عرفان گوپانگ، طفيل سانگاھ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو.