مٺي (رپورٽر) ٿر فلڊ رليف جيپ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ صوبائي وزير مڪيش چاولا ٿر ۾ وڏي عرصي کان لاڳو اسٽون پاليسي کي ختم ڪري ٿر ۾ قائم 124 اٽا چڪين کي ڪڻڪ لبرل پاليسي تحت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته ٿر ۾ ڪڻڪ جي پيداوار نه هجڻ ڪري اهو مسئلو پيدا ٿئي ٿو پر هاڻي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي ٿر پهچي اهو اعلان ڪيان ٿو ته ٿر ۾ چڪين کي هاڻي پٿر بدران لبرل پاليسي تحت ڪڻڪ ڏني ويندي، جيڪو نوٽيفڪيشن سڀاڻي سومر ڏهاڙي جاري ڪيو ويندو، هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب ڪڻڪ جا فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا، جنهن ڪري بحران پئدا ٿيو آھي پر ان جي باوجود ٿرپارڪر جي ماڻھن کي بهتر سهولتون ڏينداسين.