روم (م ڊ) اٽلي ويجهو سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ 64 ٿي ويو، فوتين ۾ 14 ٻار به شامل آهن، اختيارين جو چوڻ آهي ته فوتين جو انگ 100 تائين پهچڻ جو خدشو آهي، لاشن کي سڃاڻپ ۽ فارنزڪ لاءِ اسٽيڊيم ۾ رکيو ويو آهي، حادثي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ٻن ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.