ڏوڪري (ن پ ا) اٽلي جو وفد مس ماريه جي اڳواڻي ۾  سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو. وفد موهن جي دڙو جي مختلف ايرياز ڊي ڪي ايريا، ايچ آر، اسٽوپا گريٿ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا. ان موقعي تي اٽلي  جي پرڏيهي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ مس ماريه جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو هن چيو ته هتان جي ماڻهن هزارين سال اڳ به وڏي جوڙجڪ سان وڏا ڪشادا گهر ٺاهيا هئا آثار ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آهن هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.پرڏيهي وفد جي سيڪورٽي تمام سخت ڪئي وئي هئي.