بيجنگ (دلچسپ نيوز) اٺ پکي ٻن چيتن سان مقابلو ڪري ڀڄائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي صوبي هوبي ۾ چڙيا گهر جي انوکي وڊيو وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ اٺ پکي کي ٻن چيتن سان وڙهندي ڏسي سگهجي ٿو، 2 چيتا هلندي اٺ پکي ڏانهن وڌيا ته ان مٿن حملوڪري ڏنو، ٻنهي چيتن پاران ڪابه مزاحمت نه ڪئي وئي ۽ ٻئي چيتا واپس مڙي ويا، هڪ چيتو ٿورو اڳتي وڃي وري واپس اٺ پکي ڏانهن وڌيو ته هن وري مٿس حملو ڪري ڏنو، اٺ پکي وڏي مڙسي سان وڙهندي وڙهندي کين ڀڄائي ڇڏيو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين دلچسپ تبصرا ڪندي اٺ پکي جي همت جي ساراهه ڪئي. ڇاڪاڻ ته چيتو انتهائي خونخوار جانور آهي جڏهن ته اٺ پکي سڀني پکين ۾ امن وارو پکي سمجهيو وڃي ٿو.