لنڊن (دلچسپ نيوز) اٺ پکي جي منهن کي جوراب سان ڍڪيندڙ جوابدار جي ڳولا شروع ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانوي ڪائونٽي لنڪن شائرجي تلاءُ ۾ اٺ پکي سان مذاق ڪئي وئي. شرارتي نوجوان اٺ پکي جي منهن تي جوارب وجهي فرار ٿي ويو.رستي ويندڙ همراهه اٺ جي منهن تي ڪارو ڪپڙو ڏسي مدد ڪئي، همراهه اٺ پکي کي اسپتال پهچايو جٿي سندس حياتي بچائي وئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته جوراب ايترا ته سوڙها هئا جو جيڪڏهن کيس اڌ ڪلاڪ ۾ اسپتال نه پهچايو وڃي ها ته اٺ پکي زندهه بچي نه سگهي ها. ٻئي طرف پوليس سي سي ٽي وي ذريعي نوجوان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.