اليڪشن ملتوي ڪيس: صدر جو فيصلو بحال: عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اڏائي ڇڏيو، وڏو حڪم جاري

0
295

سُپريم ڪورٽ پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو آرڊر ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، چونڊن جي تاريخ بابت صدر جو فيصلو بحال ڪيو ويو

عدالت چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اختيار اورانگهيندي 22 مارچ تي غير آئيني آرڊر جاري ڪيو، آئين ۽ قانون چونڊن جي تاريخ ملتوي ڪرڻ جو اختيار نٿا ڏين

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته غيرقانوني آرڊر جي ڪري 13 ڏينهن ضايع ٿي ويا، پنجاب ۾ 14 مئي تي پولنگ ڪرائي ويندي، وفاقي حڪومت چونڊن لاءِ فوج، ايف سي، رينجرز ۽ پوليس مقرر ڪري، 17 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن وٽ سيڪيورٽي پلان پيش ڪيو وڃي، پنجاب جي نگران حڪومت عدالتي حڪم تي عمل نه ڪري ته اي سي پي آگاهه ڪري، پنجاب ۾ آر اوز جي فيصلي خلاف اپيلن جي تاريخ 10 اپريل هوندي

عدالتي فيصلي موجب اليڪشن ٽربيونلز 17 اپريل تي اپيلن تي فيصلو ڪندا، ڪي جي ۾ چونڊن بابت گورنر پاران ڪنهن به نمائندگي نه ڪئي، ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ وارو معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي

3 رُڪني بئنچ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٻڌڻي دوران سُپريم ڪورٽ جو ڌيان ٻن اقليتي نوٽيس ڏانهن ڇِڪايو ويو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين الدين جي فيصلن جي ڪابه اهميت ناهي، وفاقي سرڪار کي چونڊن لاءِ 21 ارب روپيا 10 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ، اي سي پي کي بئنچ جي ميمبرز کي فنڊز بابت آگاهه ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي

هي به پڙهندا

اهڙيون حالتون پيدا ٿيون ته آئين ۾ ايمرجنسي جو آپشن موجود آهي: وفاقي وزير