ڄام صاحب (ن پ ا) اٺھٺ موري شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري شھر گندگي جي ورچڙھي ويو شھر جي مختلف چونڪن تي گندگي جا ڍير لڳي ويا، انتظاميا اگھور ننڊ ستل، شھرين سياسي سماجي اڳواڻن مولانا رضا محمد مينگل، برڪت بروھي ،ميوو خان چانڊيو، مبارڪ چانڊيو، مجنون سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  شھر جي مين چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن دانھيندي چيو ته شھر جا روڊ رستا ۽ چونڪ چوراھا گندگي سان ڀرجي ويا آهن شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي ۽ شھر ۾ گندگي ۽ گندي پاڻي ھئڻ ڪري شھر ايندڙ ويندڙ ۽ نمازين کي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هنن ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته اٺھٺ موري شھر جي فوري طور صفائي ڪرائي شھرين کي پريشانين  کان بچايو وڃي.