اُونهاري جي موڪلن کي ڪيئن ڪارآمد بڻائجي؟

0
214
اُونهاري جي موڪلن کي ڪيئن ڪارآمد بڻائجي؟

 جيئن ته هن سال امتحان مئي جي مهيني جي شروعات ۾ ٿيڻ جي ڪري، ڪافي اسڪولن ۾ پڙهائي جو عمل متاثر ٿيو آهي ۽ مٿان کان تعليمي سال آگسٽ کان شروع ٿيندو، جنهن ۾ ٻهراڙين ۾ برساتون هجڻ جي ڪري به  تعليم متاثر ٿي ويندي آهي، ان لاءِ والدين ۽ استادن کي ٻارن جي تعليم جي باقائده منصوبه بندي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اونهاري جون موڪلون، جن ۾ اسان جي ٻهراڙي جي ٻارجو اڳيون سوجهرو به چٽ ٿي ويندو آهي ۽ استادن کي نئين سر يا ته محنت ڪرڻي پوندي آهي يا ٻار کي موڳو سمجهي قسمت جي رحم و ڪرم ٿي ڇڏيو ويندو آهي، ۽ اهو چيو ويندو آهي ته هي ٻار پڙهي نه سگهندو. اسان استادن ۽ والدين تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته اسين ٻار جي رهنمائي ڪريون ۽ کين پنهنجو وقت، قيمتي بڻائڻ لاءِ انهن کي هوم ورڪ به ڏيون، رهنمائي به ڪريون ۽ نگهداشت به ڪريون ته، آيا ٻار پنهنجو هوم ورڪ يا ڏنل ٽاسڪ تي عمل به ڪري رهيو آهي يا نه، پر اسان وٽ ايئن نه ٿيندو آهي ٻهراڙي جي ٻار جا والدين اڪثر غريب هاري يا مزدور هوندا آهن يا تعليم يافته نه هجڻ جي ڪري، اهي انهي وئڪيشن کي غنيمت سمجهي ٻار کان ٻني يا مزدوري جوڪم وٺندا آهن، جنهن جي ڪري ٻار ٽي مهينا يا ڪڏهن، ڪڏهن چار مهينن جي پڙهائي جي وقفي جو پورائو نه ڪري سگهندا آهن ۽ اهي ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ احساس ڪمتري جوشڪار ٿي ويندا آهن. اهڙا ٻار استاد جي عدم توجهه ۽ عدم دلچسپي جي ڪري يا ته پڙهائي ڇڏي ويندا آهن يا اهي معياري تعليم حاصل نه ڪري سگهندا آهن. انهي جي ڪري اهو والدين تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي ٻارن جي راند روند يا ٻين مصروفيتن سان گڏوگڏ انهن جي تعليم جي بابت پڻ خيال رکن.

استادن جي ذميداري

استادن تي اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اهي ٻارن کي وئڪيشن جو مڪمل هوم ورڪ ڏين، جنهن ۾ روز جي بنياد تي ڊائري لکڻ، ڪو ڪتاب پڙهي ان تي تبصرو لکڻ، ڪو اهڙو سائنس جو پروجيڪٽ ڏيڻ،ان کان علاوھ واٽس ايپ گروپ ٺاهي سڀني شاگردن کي روز جي بنياد تي کين هدايتون ۽ سبق ڏيڻ، جيڪڏهن اسڪول سندن گهر جي ويجهو آهي ته وئڪيشن جي دوران هفتي يا پندرنهن ڏينهن ۾ هڪ اهڙو ڏينهن مقرر ڪن، جنهن ڏينهن انهن ٻارن جي ڪم جو جائزو وٺن.

غير نصابي سرگرميون

استادن کي گهرجي ته وڏن ڪلاسن جي شاگردن يعني ڇهين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس جي شاگردن کي غير نصابي سرگرمين جو ڪم به ڏنو وڃي ته جيئن وڪيشن جي دوران اهو به ڪم ڪري اچن ۽ کين اسڪول جي دوران اهڙي سکيا به ڏني وڃي، ته اهو ڪم ڪيئن ڪرڻو آهي؟ مثال طور ڪنهن زرعي، تاريخي، ثقافتي، مذهبي ماڳ يا ڪنهن لائبريري جي وزٽ به ڪن ۽ ان جي رپورٽ به لکن، انهي سان ٻارن ۾ لکڻ، سوچڻ توڙي ڪميونيڪيشن  جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. ٻارن کي اهو به ٽاسڪ ڏنو وڃي ته مختلف علمي، ادبي يا سياسي سڃاڻپ رکندڙ شخصيتن توڙي ٻهراڙي جي هنر مند طبقي جي ماڻهن جهڙوڪ واڍو، رازو، درزي، موچي، ڪنڀار وغيره سان ملي سندن هنر جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ وٺي ان جي باري ۾ رپورٽ لکڻ يا ويڊيو وغيره ٺاهڻ.

والدين جي ذميداري

والدين تي اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته ٻار انهن جو سرمايو آهن، انهن تي مڪمل توجه ڏني وڃي ۽ انهن جي اخلاقي تربيت ڪئي وڃِي، جيئن ته ٻار هميشه والدين ۽ استادن جي ڪاپي ڪندو آهي، ان لاءِ ٻارن ۾اخلاقي اقدار پيدا ڪيا وڃن، جيئن ته ويڪيشن جي دوران ٻار اڪثر طور گهر ۾ رهي ٿو ان ڪري گهريلو ماحول اهڙو پيدا ڪيو وڃي جنهن سان ٻارن جي تربيت ٿي سگهي. جيڪڏهن ويجهو ڪو اهڙو سينٽر موجود آهي جتي ڪمپيوٽر جا شارٽ ڪورس يا انگريزي گرامر جا ڪورس ٿيندا هجن ته اهڙن سينٽرن مان پڻ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.جڏهن ته اهڙا شاگرد  جيڪي ڪاليج ۽ خاص ڪري يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، تن کي گذارش آهي ته سڀ کان اول ته هُو هنن موڪلن جي ڏينهن جو قدرُ ڄاڻين ۽ پوءِ انهن ڏهاڙن ۾ پنهنجن ڳوٺن ڏانهن وڃي اتي پاڙي جي اسڪول، ڪاليج، اسپتال، مسجد، مندر، ڪميونٽي هال يا جي صورتحال جو جائزو وٺن ۽ مقامي پريس ڪلب کي وزٽ ڪن ۽ اُتان جي عوامي  مسئلن کان آگاھ ٿين. پنهنجي ٻنين، ٻارن، ڍنڍن ۽ ڍورن ڏي چڪرُ هڻن، ننڊپڻ جي دوستن کي ياد ڪندي جيڪي پوئتي رهجي ويا هجن يا احساس ڪمتريءَ ۾ جڪڙيل آهن ته انهن جي اها احساس ڪمتري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

پنهنجن عزيزن کي مناسب وقت ڏين، پاڙيوارن سان حالي احوالي ٿين، جديد سائنس، معاشيات، تاريخ، ادب، فلسفو، نفسيات، آرٽ، دنيا جا انقلاب ۽ انهن جي تاريخ، وڏين شخصيتن جي بائيوگرافيون بابت مختلف ڪتاب پڙهڻ سان گڏوگڏ انساني تاريخ، ارتقا، تحريڪون، نفسيات، سياست ۽ سماجي نظامن تي ٺهيل مختلف مُوويز ڏسن، ملڪي سطح تي جيڪڏهن استدعا آهي ته هڪ ٽُوئر به ڪن، گهٽ ۾ گهٽ صوبائي سطح تي به ڪو ٽُوئر ۽ مقامي علائقن جا قديم آثار، قدرتي وسيلا ۽ ٻين ماڳن جا به ٽوئر ڪرڻ گهرجن.انهن موڪلن ۾ علمي، ادبي، سماجي يا سياسي موضوعن تي به هڪ جيڏن دوستن سان ويهڪ ڪرڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ پنهنجي اداري پاران مليل ڪم مُڪمل ڪرڻ ، راند کي وقت ضرور ڏيڻ ۽ ننڍن شهرن يا پنهنجي مقامي ڳوٺ ۾ پنهنجي حال آهر گهٽ ۾ گهٽ علمي ۽ سماجي جاڳرتا بابت شعور جي لاءِ گڏجاڻيون مقامي سطح تي ٿيڻ گهرجن، جن جي اڳواڻي ابه اهي نوجوان ئي ڪن. جيئن ته اسان جو ملڪ هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ اسان جو تعلق به ٻهراڙي سان آهي ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي نوجوان کي زراعت جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ وٺڻ گهرجي، اڳ ۾ اسڪولن ۾ زراعت پڙهائي ويندي هئي پر هاڻي بدقسمتي سان اها به نٿي پڙهائي وڃي، ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي نوجوان خاص طور تي شاگرد کي فصلن جي پوکائي، انهن جي سار سنڀال جي باري ۾ مڪمل معلومات هجڻ گهرجي. انهي مناسبت سان مختلف سيمينارن ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي.

انهن تجويزن تي جيڪڏهن اسان سوچيون ۽  ان تي مڪمل عمل ڪريون ته اسان پنهنجي سماج ۾ ڪافي بهتري به آڻي سگهون ٿا ۽ شاگردن جون  موڪلون به سجايون ڪري سگهون ٿا ۽ اسان جا ٻار پنهنجي پڙهائي جي تسلسل کي به برقرار رکي سگهن ٿا.

 .[email protected]