لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون رابعه سيال کي ڊپٽي ڪمشنر جي اضافي چارج ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي منظوري سان سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ جي سيڪشن اآفيسر ون غلام عباس ملڪ جي صحيح سان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب 18 هين گريڊ جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون لاڙڪاڻو رابعه سيال کي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي آهي. واضع رهي ته لاڙڪاڻي ۾ اڳ مقرر ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور ٽريننگ جي سلسلي ۾ پرڏيهه ويل آهي جنهن کان پوءِ هاڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون لاڙڪاڻو رابعه سيال ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طور خدمتون سرانجام ڏيندي.