سنڌ جي جن به قومپرست تنظيمن کي پپلز پارٽي پاران آدمشماري بابت ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس جي دعوت ملي آھي، اهي سڀ شريڪ ٿين ۽ اتي وڃي پنھنجو چٽو موقف رکن ۽ سنڌي قوم جا خدشا پيش ڪن، ان سان غير سنڌين کي پنھنجي مرضيءَ جا مطالبا مڃرائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي ۽ پ پ کي سندن ناجائز مطالبا رد ڪرڻ ۾ جواز ملندو ته قوم پرست ڌريون ائين ڪرڻ نه ڏينديون ، ۽ سنڌ جو فائدو ٿيڻ جو امڪان آھي ، سياسي مخالفت پنھنجي جاءِ تي پر سنڌ جي معاملي تي سرڪار کان رسي ويھڻ ۾ ڪا دانشمندي ناھي اتي شرڪت ڪري پنھنجا خدشا ٻڌائڻ ئي سنڌ دوستي شمار ٿيندي. (فيس بوڪ تان ورتل)